تعليمي نظام ۾ جديد تبديلي جو اعلان، ايندڙ وقت لاءِ نئين فوج تيار!

چين پنهنجي تعليمي نظام ۾ هڪ وڏي ۽ جديد تبديلي آڻي رهيو آهي، جتي پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۾ هٿرادو ڏاهپ (AI) جي تعليم شامل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهو فيصلو نه رڳو چين جي ٽيڪنالاجي شعبي جي تيزي سان ٿيندڙ ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، پر مستقبل لاءِ AI ماهرن جي هڪ نئين فوج تيار ڪرڻ به ان جو بنيادي مقصد آهي.

بيجنگ ميونسپل ايجوڪيشن ڪميشن موجب، هلندڙ سال جي آخر تائين AI جا سبق اسڪولن جي نصاب جو باضابطا طور حصو بڻجي ويندا، ته جيئن شاگردن کي جديد ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا ملي سگهن.

ان لاءِ اسڪولن کي اختيار هوندو ته اهي AI جي بنيادي خيال، روبوٽڪس ۽ مشين لرننگ جهڙيون شيون الڳ مضمون طور پڙهائن يا انهن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ سائنس سان گڏ شامل ڪن.

اهو فيصَلو چين جي اڳواڻ ٽيڪنالاجي پاليسي جو حصو آهي، جنهن جو اثر اڳ ئي عالمي سطح تي نظر اچي رهيو آهي. خاص طور تي، چيني ڪمپني  ڊيپ سيڪ جو تيار ڪيل AI چيٽ بوٽ R1 تمام گهٽ خرچ ۾ تيار ڪيو ويو، جيڪو آمريڪي ڪمپني اوپن اي آءِ جي ماڊلز جو مقابلو ڪري رهيو آهي.

ساڳئي وقت، سنڌ ۾ تعليم جي زبون حالي ڪنهن کان ڳجهي ناهي. ٻهراڙي توڙي شهري علائقن ۾ هڪ پراڻو، فرسوده نظام هلي پيو، جتي اڌ کان وڌيڪ اسڪولن ۾ نه صرف جديد تعليمي سهولتن جو فقدان آهي، پر بنيادي سهولتون به اڻلڀ آهن. ويران عمارتون، ڀڳل فرنيچر، پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، باٿرومز جي اڻاٺ ۽ گرمي ۾ بجليءَ جو نالو نشان نه هجڻ—هي سڀ سنڌ جي تعليمي سچائيءَ جو الميو آهن. ان کان به وڌ، استادن جي کوٽ ۽ ناقص انتظامي حڪمتِ عملي سبب لکين ٻار معياري تعليم کان محروم آهن، جڏهن ته ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ ته هڪ اڻپوري خواب وانگر لڳي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.