2016ع ۾ گريٽر ۽ سمالر چولستان ڪئنال رٿائون پنجاب حڪومت تيار ڪيون

لاهور (ذوالفقار مهتا) چولستان ڪينال جو منصوبو 2016 ۾  تيار ڪيو ويو جنهن وقت شهبازشريف پنجاب جو وڏو وزير هيو ان وقت گريٽر ۽ سمالر چولستان جي نالي سان اهو منصوبو جوڙيو ويو جنهن سان چولستان جي ٻنهي حصن ۾ زمين کيڙي آباد ڪرڻ جو منصوبو آهي. ان سان 11 لک ستر هزار ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ جو منصوبو هيو.10 لک 53 هزار ايڪڙ ايريا کي پاڻي ملندو. اها ايراضي بهاولپور ۽ فورٽ عباس بهاولنگر ۾ اچي ٿي. ان سان گڏ پراڻي هاڪڙي ندي جا پوڇڙ وارا علائقا ان سان آباد ڪيا ويندا.6 لک 10 هزار 2سئو 37 ايڪڙ  شروعاتي طور تي آباد ڪرڻ واسطي   فيز ون وارو مرحلو شروع ڪيو ويو آهي.چولستان ڪينال جي ڊيگه 176 ڪلوميٽر هوندي. ان مان ميروٽ ڪينال 120 ڪلوميٽر ڊگهي نڪرندي، ماهرن 211 ارب روپين جي لاڳت جو اندازو لڳايو.نيسپاڪ پاران ان کي اپڊيٽ ڪيو پيو وڃي جنوري 2025 ۾ ان کي مڪمل اسيسمنٽ اپڊيٽ ڪرڻي هئي پر هينئر تائين ناهي ٿي سگهي.گريٽر چولستان منصوبي  جي پي سي ون پنجاب سرڪار تيار ڪئي ۽ اها اي ڊي پي 2024-25 ۾ GS No.2438 آهي.اهو پراونشل ڊولپمنٽ ورڪنگ پارٽي مان منظور ڪرايو ويو پر لاڳت وڌيڪ هئڻ سبب ان کي  وفاقي حڪومت کان منظوري لاءِ پيش ڪرڻ جو چيو ويو. وفاق جي سينٽرل ڊولپمنيٽ ورڪنگ پارٽي ۾ اهو منصوبو 11 نومبر 2024 تي  پيش ٿيو ۽  ان کي نگران حڪمت جي دور ۾ ڪليئر  ڪيو ويو. هاڻي اهو ايڪنڪ وٽ منظوري لاءِ پيل آهي.پنجاب آبپاشي کاتي پاران ارسا کي نو آبجيڪشن لاءِ چيو ويو.پنجاب پاران 1 جنوري 2024 تي پٽيشن ارسا ڏي وئي ته اسان  کي  0.580  ايم اي ايف  (5 لک هزار ايڪڙ فوٽ) ايلوڪيشن جي اين او سي ڏيو اسان ان کي استعمال ڪرڻ گهرون ٿا.0.448 ايم اي ايف پاڻي سندن مطابق فلڊ واٽر مان کنيو ويندو. باقي رهيل پاڻي ارسا جي 1991 واري معاهدي تحت استعمال ڪنداسين. ارسا جي ميٽنگ 17 جنوري 2024 تي نگران سرڪار دوران ٿي.جنهن دوران سنڌ ان جي مخالفت ڪئي ٽنهي صوبن ان جي حمايت ڪئي.25 جنوري 2024 تي ارسا اين او سي ڏئي ڇڏي پهريون مرحلو سمالر چولستان ڪينال سڏائيندو جنهن ۾ 6 لک 96 هزار 8 سئو 19 ايڪڙ  آباد ڪيا ويندا.77 سيڪڙو ان لاءِ پاڻي فلڊ مان اچڻو آهي. جهلم جو پاڻي چناب ۾ چناب جو پاڻي راوي ۾  ۽ راوي جو پاني ستلج ۾ پهچايو ويندو.ان سان 154 ڪلوميٽر ڪنڪريٽ جو واهه ٺهندو جيڪو ان کي ڪمانڊ ايريا تائين پاڻي پهچائيندو. ان وڏي واهه مان وري چار ننڍا ڪئنال  نيو فتح ڪينال،نيو مراد ڪينال،نيو هاڪڙا ڪينال ۽ هرڻ ڪينال ٺهندا، پنجاب جي پيش ڪيل ڊيٽا مطابق 1970 کان 2022 تائين  ڪوٽڙي کان هيٺ 27.09 ملين ايڪڙ پاڻي هيٺ ڇڏيو ويو آهي. ماهرن مطابق لازمي  گهرج 8.60  ملين ايڪڙ فٽ آهي. پنجاب چوي ٿو باقي جيڪو 7.49 ايم اي ايف  پاڻي بچندو ان مان پنجاب پنهنجي حصي جو 2.77 ايم اي ايف  اهو استعمال ڪندو. گريٽر ٿل ڪينال لاءِ پنجاب جي ڪميٽمنٽ  6 لک 20 هزار ايڪڙ فٽ آهي.

نوٽ : هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 12 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.