سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين، حيدرآباد ۾ شاگردن جو احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد جي شاگردن سنڌو درياهه مٿان ڪينالن ٺاهڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون آزاد جسڪاڻي، ياسر ميمڻ، فرزند ميتلو، گوندا شاڪر، مزمل سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي پاڻي جي کوٽ موجود آهي، زمينون بنجر لڳيون پيون آهن، وفاق وري سنڌو درياهه مٿان ڪينال ڪڍي سنڌ جي پاڻي تي پنجاب جون غيرآباد زمينون آباد ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي. ھنن چيو ته سنڌو درياهه تي نوان ڪينال ٺاهڻ سان سنڌ مڪمل طور تي بنجر بڻجي ويندي، سنڌ واسي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ ترسندا. هنن چيو ته پاڻي اسان جو جياپو آهي، جنهن جي لاءِ ھر محاذ تي وڙھنداسين، سنڌو درياهه اسان جو جياپو ۽ اسان جو ساھ آهي، سنڌ واسي اھڙي منصوبي کي مڪمل طور تي رد ڪن ٿا. ھنن مطالبو ڪيو ته سنڌو درياهه مٿان ڪينال ٺاهڻ وارو فيصلو جلد واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ اسلام آباد طرف مارچ ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.