حيدرآباد(پ ر)ايس ٽي پي پاران سنڌو درياءَ تي ڪئنالن ٺاهڻ واري منصوبي خلاف سڄي سنڌ ۾ 10 اپريل کان 5 مئي تائين مُک شاهراهن تي احتجاجي ڌرڻن هڻڻ جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي تنظيمي شعبو جو اجلاس پارٽي چئيرمين ڊاڪٽرقادرمگسي جي صدارت ھيٺ مگسي هائوس قاسم آباد تي ٿي گذريو، اجلاس ۾ ھوت خان گاڏهي، ڊاڪٽر عبدالحميد ميمڻ، قادر چنا، ڊاڪٽر سومار مڱريو شرڪت ڪئي، 14 مارچ تي دريائن جي عالمي ڏهاڙي تي سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف سڄي سنڌ جي ضلعي ھيڊڪوارٽرز ۾ مظاھرن ۽ مشعل بردار جلوس ڪڍيا ويندا،شيڊول مطابق 10 اپريل تي ٽنڊو محمد خان،11 اپريل تي ضلع جيڪب آباد،12 اپريل ضلع گھوٽڪي اپريل13مليرڪراچي، ٺٽو ڪراچي روڊ کي ڌرڻو هڻي بند ڪيو ويندو، 14 اپريل ضلع نواب شاھ ، قاضي احمد ۾ نيشنل ھاءِ وي تي ڌرڻو ھنيون ويندو ، 15 اپريل بدين، 16 اپريل، دادو،17 اپريل سجاول ، 18 اپريل لاڙڪاڻو ، 19 اپريل ڪشمور ڪنڌڪوٽ، 20 اپريل سانگهڙ ، 21 اپريل ڪراچي ڊويزن، سپرھاءِوي تي ڌرڻو ھنيون ويندو ، 22 اپريل عمرڪوٽ ،23 اپريل قمبرشھدادڪوٽ ،24 اپريل ميرپورخاص ، 25 اپريل مٽياري نيشنل ھاءِ وي، 26 اپريل مٺي ٿرپارڪر 27 اپريل شڪارپور ، 28 اپريل سکر ، 29 اپريل ڄامشورو ، 30 اپريل خيرپور نيشنل ھاءِ وي،پهرين مئي پورھيتن جي عالمي ڏهاڙي تي سنڌو درياءَ جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاجي ڏينهن طور ملهايو ويندو، سڄي سنڌ ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون وينديون، 2 مئي ، ضلع نوشهروفيروز ، 3 مئي ضلع ٽنڊو الهيار ، 4 ضلع ٺٽو حيدرآباد ٺٽو روڊ تي ڌرڻو هنيو ويندو،اجلاس ۾ سنڌ جي سينئر سياسي اڳواڻن اعجاز سامٽيو، سحر رضوي جي سينٽرل ڪميٽي جي ميمبر طور مقرري ڪئي وئي ڊاڪٽرقادرمگسي چيو ته ملڪ جي صدر آصف علي زرداري جو گڏيل ايوان کي اڄوڪو خطاب سنڌ جي عوام ھن وقت تائين ڪيل احتجاج جي ڪاميابي آھي، جنھن مزاحمت جا ابتدائي بنياد سنڌ ترقي پسند پارٽي رکيا، ھن چيو ته صرف زرداري جي اٽڪلبازي ۽ گمراهي وارين تقريرن سان سنڌ جي عوامي مزاحمت ختم نه ٿيندي.