اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دهشت گردي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪر کنيو آهي، جيستائين مڪمل طور تي امن قائم نٿو ٿيندو، ترقي جو خواب ساڀيان نه ٿيندو، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ۾ دهشت گردي خلاف جنگ جاري آهي، هر روز پوليس ۽ فوج جي آفيسر ۽ جوان قربانيون ڏئي رهيا آهن، انهن عظيم قربانين کي هميشه ياد رکڻ گهرجي، وزيراعظم چيو ته اسان جو ميڪرو پروگرام هڪ مستحڪم پروگرام آهي، هاڻي اسان کي ملڪ جي ترقي ڏانهن وڌڻو آهي، آءِ ايم ايف جو مشن پاڪستان جي دوري تي آهي، اسان جا وزير انهن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن، آءِ ايم ايف پروگرام اسان جي ترقي لاءِ اهم آهي، وزيراعظم چيو ته سپريم ڪورٽ 190 ملين پائونڊ جي رقم حڪومتي خزاني ۾ منتقل ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي چيف جسٽس جا ٿورائتا آهيون، ان رقم مان اسلام آباد ۾ هڪ جديد يونيورسٽي قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، 14 آگسٽ 2026 تي ’دانش يونيورسٽي‘ جي نالي سان يونيورسٽي جي پهرين سيڪشن جو آغاز ٿيندو.