ڪوئيٽا/ سکر( م ڊ/ رپورٽر) بلوچستان ۾ ڪوئيٽا کان کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس تي دهشتگردن حملو ڪري 450 کان وڌيڪ مسافرن کي يرغمال بڻايو،جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجڻ يا زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. سيڪيورٽي فورس علائقي کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ليويز اهلڪارن مطابق، جعفر ايڪسپريس تي فائرنگ جو واقعو بلوچستان جي ضلعي ڪچھي (بولان) جي علائقي پيرو ڪنري ۾ پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرين ڊرائيور زخمي ٿي ويو جڏهن ته ٽرين هن وقت سرنگ ۾ بيٺي آهي. مسافر ٽرين ڪوئيٽا کان پشاور وڃي رهي هئي پهريان ٽريڪ تي ڌماڪو ڪيو ويو ۽ پوء ٽرين تي فائرنگ ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ ٽرين ۾ موجود سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ ٽرين تي فائرنگ ڪندڙن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. ريلوي اهلڪارن جو چوڻ آهي ته جعفر ايڪسپريس 9 بوگين تي مشتمل آهي ۽ ٽرين ۾ 400 کان وڌيڪ مسافر سوار آهن، ٽرين صبح 9 وڳي ڪوئيٽا کان رواني ٿي هئي. ان حوالي سان بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند جو چوڻ آهي ته ڪوئٽہ کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس تي شديد فائرنگ جا اطلاع آهن، جعفر ايڪسپرېس تي دهشتگردن فائرنگ ڪئي، ايمبولينسز کي جڳهه تي روانو ڪيو ويو آهي جڏهن ته سڀني اسپتالن ۾ ايمرجنسي لڳائي وئي آهي. ٻئي طرف سيڪيورٽي ذريعن موجب، بولان جي علائقي ۾ جعفر ايڪسپريس تي دهشت گردن حملو ڪيو ۽ بولان لڪ ڍاڍر جي جڳهه تي دهشتگردن جعفر ايڪسپريس تي حملو ڪيو. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشت گردن جعفر ايڪسپرېس کي هڪ سرنگهه ۾ روڪيو ۽ مسافرن کي يرغمال بڻايو. سيڪيورٽي فورسز جڳهه تي پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ علائقي کي گهيريندي ڪليئرنس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن معصوم مسافرن کي يرغمال بڻايو آهي ۽ يرغمال بڻايل ماڻهن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي جڏهن ته دهشت گرد پرڏيهه ويٺل ملڪ سھولتڪار سان رابطي ۾ آهن. سيڪيورٽي ذريعن مطابق دهشتگردن جي خاتمي تائين ڪليئرنس آپريشن جاري رهندو. ٻئي طرف، ڪالعدم بلوچ عليحدگي پسند تنظيم بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) نے جعفر ايڪسپرېس تي حملي جي ذميواري قبول ڪندي ٽرين تي قبضو ڪرڻ ۽ مسافرن کي يرغمال بڻائڻ جو دعويٰ ڪيو آهي. بي ايل اي هڪ بيان ۾ حملو دوران فوج جي ڪيترن ئي اهلڪارن جي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. هوڏانهن سيڪيورٽي فورسز 13 دهشت گرد مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سيڪيورٽي فورس موجب سيڪيورٽي فورس جي ڪارروائي سبب دهشت گرد ننڍن ننڍن ٽولين ۾ ورهائجي يا آهن. زخمي مسافرن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. بلوچستان جي ريلوي اهلڪارن تصديق ڪئي آهي ته رهائي حاصل ڪندڙ 80 يرغمالي ڪوئيٽا لاءِ روانا ٿي ويا آهن. بي بي سي سان ڳالهه ٻولهه ۾ هڪ ريلوي افسر ٻڌايو ته آزادي حاصل ڪندڙ 80 يرغمالين ۾ 26 عورتون، 11 ٻار ۽ 43 مرد شامل آهن.