ميهڙ(رپورٽ:فراز چنا) ميھڙ م انسانيت کي لڄائيندڙ واقعو ، وحشي جوابدار معصوم ٻارڙيءَ سان مبينه زيادتي بعد کيس لوھي سيخون ۽ سروٽا ھڻي بي درديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو . ميھڙ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد حاجن شاه ڪالوني ۾ جوابدار پاران 7 ورھين جي معصوم نينگري عظمت ڌي لياقت سوڍر کي مبينا زيادتي جي ڪوشش ۽ تشدد بعد کيس بي دردي سان قتل ڪري لاش قبرستان ۾ پوري فرار ٿي ويو. اطلاع تي وارثن پھچي نينگري جو لاش ڪڍي تعلقي اسپتال ميھڙ پھچايو فوتي نينگري جي والد لياقت سوڍر ۽ امڙ روئيندي ٻڌايو ته اسان جي نياڻي پنھنجي معصوم ڀاء سان گڏ درگاه حاجن شاه تي پاڻي پيئڻ وئي ھئي ته 30 ورھين جو جوابدار جنسار نوناري بيگناھ معصوم نينگري تي وحشياڻو تشدد ڪري مٿي ۾ ڌڪ ھڻي قتل ڪري ان ئي قبرستان ۾ مٽي ۾ پوري ڇڏيو جڏھن ته معصوم ڀاء ۽ ٻين ٻارڙن اچي گھر ٻڌايو اسين پھتاسين تہ معصوم ٻارڙي مٽي ۾ پوريل ھئي . ٻارڙي جي جسم تان اڌ ڪپڙا لٿل ھيا .جنھن کي کڻي گھر آندو . ھنن چيو ته جوابدار درگاه حاجن شاه جو مجاور آھي جوابدار درگاھ تي نشو واپرائيندڙ آھي ۽ ھو درگاه تي ڪم ڪار پڻ ڪندڙ آھي ھنن چيو ته اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني نه آھي جوابدار اسان سان ظلم ڪيو آھي ان کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن واقعي جي اطلاع بعد ميھڙ پوليس پھچي نينگري جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال آندو جڏھن تہ واقعي بعد پوليس درگاه حاجن شاه جي گادي نشين نيڪ محمد پنھور کي حراست ۾ ورتو آھي.هوڏانهن معصوم نينگري کي مبينا زيادتي بعد بيدردي سان قتل ڪرڻ وارو واقعو.7 ورھين جي معصوم نينگري عظمت سوڍر جي لاش جو پوسٽ مارٽم بعد وارثن سندس امڙ وزيران سوڍر، والد لياقت سوڍر ۽ سوڍر برادري جي اڳواڻن سڪندر سوڍر، اختيار سوڍر، اڪبر سوڍر ۽ ٻين پاران نانڪ سيلر ڀرسان انڊس هاءِ وي تي لاش رکي قاتل جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڌرڻو ھنيو ويو مظاھرين انڊس هاءِ وي تي رڪاوٽون رکي روڊ بند ڪري ڇڏيو هاءِ وي بند ھجڻ ڪري ڪراچي ، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي