ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسمياتي ماهر جواد ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ گرمي جي شدت گهٽجڻ جو امڪان آهي.
جواد ميمڻ موسم جو حوال ڏيندي ٻڌايو ته عربي سمنڊ ۾ اينٽي سائيڪلون سنڌ ۾ گرمي جو سبب بڻيو هو پر هاڻ هوا جو اهو وڌيڪ دٻاءُ اوڀر ڏانهن وڌي ويو آهي، جنهن سبب سنڌ ۾ 5 ڏينهن کان جاري گرمي جي شدت اڄ کان گهٽجڻ جو امڪان آهي.
هن چيو ته شهر ۾ گرمي پد 32 کان 34 ڊگري سينٽي گريڊ رهي سگهي ٿو، جڏهن ته ايندڙ ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ موسم بهتر ٿي ويندي.
Prev Post
Next Post
You might also like