ممبئي (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي فائنل کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽر يوزويندر چاهل ۽ ريڊيو جوڪي (آر جي) مهوِش جون تصويرون وائرل ٿيڻ کانپوءِ سندس اڳوڻي زال ڌناشري ورما جي پوسٽ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو.
چاهل ۽ ڊانسر ڌناشري ورما 2020 ۾ شادي ڪئي هئي، پر ڪجهه ڏينهن اڳ ٻنهي ۾ باظابطا عليحدگي ٿي وئي هئي.
ان کانپوءِ ڀارتي ڪرڪيٽر يوزويندر چاهل کي مشهور ريڊيو جوڪي مهوش سان گڏ ڏٺو ويو، ان کان اڳ ڪرسمس جي موقعي تي به ٻنهي جون گڏ تصويرون وائرل ٿيون هيون، جنهن سبب جوڙي جي وچ ۾ لاڳاپن جون اڳڪٿيون ڪيون ويون هيون.
ان ڏس ۾ مهوش اهڙي قسم جي خبرن کي بي بنياد قرار ڏنو هو، پر تازين وائرل تصويرن هڪ ڀيرو ٻيهر ان بحث کي جنم ڏنو آهي.
ٻئي پاسي چاهل جي اڳوڻي گهرواري ڌناشري ورما چپ نه رهي سگهي ۽ ان معاملي تي انسٽاگرام تي اسٽوري شيئر ڪندي لکيو تهه ”عورت تي الزام هڻڻ هميشه فئشن رهيو آهي“.
سندس پوسٽ کانپوءِ مداحن ۾ وڌيڪ ڪاوڙ پيدا ٿي، جنهن سبب ڪرڪيٽر ۽ سندس مبينا گرل فرينڊ تي ڇتي تنقيد ٿي رهي آهي.
ان کان اڳ به ڌناشري ورما هڪ پوسٽ شيئر ڪئي هئي، جنهن ۾ هن لکيو هو ته ”مان آسانيءَ سان نه ٽٽنديس“.
ياد رهي ته يوزويندر چاهل انسٽاگرام تي ڌناشري ورما کي ان فالو ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي پروفائل تان ساڻس گڏ نڪتل تصويرون به ڊليٽ ڪري چڪو، جڏهن ته ڌناشري جي اڪائونٽ تي اڃا تائين چاهل جون تصويرون موجود آهن.
You might also like