مشهور ڀارتي گلوڪارا کي هراسان ڪرڻ ته ميوزڪ پروڊيوسر گرفتار

چنديڳڙهه (ويب ڊيسڪ) ڀارت رياست پنجاب جي پوليس مشهور ميوزڪ پروڊيوسر ’ميڊ فار ميوزڪ‘ ڪمپنيءَ جي مالڪ پنڪي ڌاليوال کي پنجابي گلوڪاره سنندا شرما سان بدسلوڪي ۽ مالي استحصال جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو.
اِها گرفتاري پنجاب اسٽيٽ ڪمشن فار وومين جي چيئرپرسن راج لالي گل طرفان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ کان پوءِ عمل ۾ آئي.
پنجابي ميوزڪ انڊسٽريءَ جي مشهور گلوڪاره سنندا شرما ويجهڙ انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ ذريعي پنڪي ڌاليوال تي سالن کان سندس رهتون ادا نه ڪرڻ ۽ ذهني طور تي دٻاءُ وجهڻ جو الزام مڙهيو هو.
سنندا پنهنجي بيان ۾ چيو” مان هڪ آزاد فنڪاره آهيان ۽ ڪنهن به فرد يا اداري کي منهنجي پروفيشنل معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جي اجازت ناهي، منهنجو ڪنهن ڪمپنيءَ سان ڪو معاهدو ناهي ۽ جيڪي اهڙي قسم جو داعوائون ڪري رهيا آهن اهي ڪوڙيون ۽ غيرقانوني آهن.‘‘
هن واضح ڪيو ته هوءَ ڪنهن به غيرقانوني معاملن جي ذميوار نه هوندي ۽ جيڪڏهن ڪو به سندس ڪم ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪندو، سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن پنجاب جي وڏي وزير کي اپيل ڪندي چيو’’مان هڪ نوجوان فنڪاره آهيان ۽ پنجاب جو نالو روشن ڪري رهي آهيان، پر ڪجهه لالچي ماڻهن منهنجي ترقي پسند ناهي، مان انصاف ۽ تحفظ جي اميد رکان ٿي.‘‘
پنڪي ڌاليوال جي گرفتاري کانپوءِ ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي هن مامري تي بحث ڇڙيل آهي، جتي ڪيترن ئي ماڻهن سنندا شرما جي حمايت ڪئي آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن هن معاملي جي مڪمل جاچ جو مطالبو به ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.