ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ايندڙ ٻن مهينن لاءِ وياج جي شرح 12 سيڪڙو برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اسٽيٽ بئنڪ موجب، فيبروري 2025 ۾ مهانگائي اميدن کان گهٽ رهي، جڏهن ته خوراڪ ۽ توانائي جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب گڏيل طور تي مهانگائي ۾ لاٿ ڏسڻ ۾ آئي.
اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ معاشي سرگرميون لڳاتار وڌي رهيون آهن، جڏهن ته درآمدات ۾ به واڌ ٿي رهي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان معاشي استحڪام لاءِ موجوده حقيقي وياج جي شرح کي گهڻي حد تائين هاڪاري قرار ڏنو ويو.
اسٽيٽ بئنڪ موجب، جون تائين پرڏيهي مٽا ساٽا ناڻي جا ذخيرا 13 ارب ڊالر تائين وڌڻ جو امڪان آهي.
اسٽيٽ بئنڪ خبردار ڪيو آهي ته خوراڪ ۽ توانائي جي اگهن ۾ واڌ سان مهانگائي ٻيهر وڌي سگهي ٿي، پر اميد آهي ته مهانگائي ۾ وڌيڪ لاٿ ايندي، جنهن بعد اها هوريان هوريان 5 کان 7 سيڪڙو تي مستحڪم ٿي ويندي.
Prev Post
You might also like