اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيٽ ميٽرنگ تي جنرل سيلز ٽيڪس (جي ايس ٽي) لاڳو نه ٿيڻ سبب وڏو نقصان، وفاقي ٽيڪس محتسب نيٽ ميٽرنگ ٽيڪس بابت فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
وفاقي ٽيڪس محتسب ڊسڪوز کي نيٽ ميٽرنگ واهپيدارن تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
فيصلو ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايف بي آر 12 نومبر 2020 تي بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي واضح هدايتون جاري ڪيون هيون، پر ڪي اليڪٽرڪ کانسواءِ 11 ڊسڪوز انهن هدايتن تي عمل نه ڪيو.
فيصلي موجب، بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي غفلت، لاپرواهي، انتظامي دير ۽ نااهلي سبب وڏو نقصان ٿيو.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال 2023-24 دوران ڊسڪوز جي نيٽ ميٽرنگ واهپيدارن جو انگ 1 لک 41 هزار تائين پهچي ويو.
فيصلي موجب، مالي سال 2023-24 ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي نيٽ ميٽرنگ واهپيدارن جو انگ 15 هزار 318 رڪارڊ ڪيو ويو.
جڏهن ته ان عرصي دوران ڊسڪوز نيٽ ميٽرنگ واهپيدارن کان 1 ارب 66 ڪروڙ يونٽ کان وڌيڪ بجلي خريد ڪئي، جنهن سبب 9 ارب 37 ڪروڙ 57 لک کان وڌيڪ نقصان ٿيو.
وفاقي ٽيڪس محتسب ايف بي آر کي هدايت ڪئي آهي ته هو 60 ڏينهن اندر هن مالي نقصان تي جاچ رپورٽ پيش ڪري.