اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تربيلا ڊيم ۾ پاڻيءَ جي سطح اڄ رات تائين ڊيڊ ليول تي پهچڻ جو امڪان آهي، جنهن کان پوءِ پاڻيءَ جو استعمال جوڳو ذخيرو ختم ٿي ويندو.
ذريعن موجب، انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) جو چوڻ آهي ته تربيلا ڊيم ۾ رڳو 26 هزار ايڪڙ فٽ پاڻي بچيو آهي، جڏهن ته ڊيڊ ليول تائين پهچڻ لاءِ پاڻيءَ جي سطح کي صرف 3 فوٽ جو فرق رهجي ويو آهي.
تربيلا ڊيم ۾ هن وقت پاڻيءَ جي سطح 1405 فٽ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
ارسا موجب، 1402 فٽ تائين پاڻي زراعت لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو.
تربيلا ڊيم ۾ پاڻيءَ جي آمد 14 هزار ڪيوسڪ ۽ اخراج 20 هزار ڪيوسڪ آهي.
منگلا ڊيم ۾ پاڻيءَ جو ذخيرو 194 هزار ايڪڙ فٽ آهي.
درياءِ جهلم ۾ منگلا وٽ پاڻيءَ جي آمد 16 هزار ڪيوسڪ ۽ اخراج 23 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
چناب رياهه ۾ مرالا وٽ پاڻيءَ جي آمد 9 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي.
ڪابل درهاهه ۾ نوشهره وٽ پاڻيءَ جو وهڪرو 11 هزار ڪيوسڪ رهيو.
موسميات کاتي موجب، ملڪ جي اترين علائقن گرمي پد گهٽ هجڻ سبب برف ڳرڻ جو عمل تمام سست ٿي ويو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اسڪردو سميت اترين علائقن ۾ گرمي پد 2 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن سبب دريائن ۾ پاڻيءَ جي مقدار گهٽجي ويو آهي.
Next Post
You might also like