ڪوهليءَ ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

دبئي (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 ۾ ڀارت جي فتح کانپوءِ ويرات ڪوھلي جي ون ڊي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جون ڳالهيون هلي رهيون آهن.
آچر جي ڏينهن تي ڀارت آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي فائنل ۾ نيوزيلينڊ کي 4 وڪيٽن تان هارايو ۽ ٽيون ڀيرو ٽرافي کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.
ميچ کانپوءِ ڳالهائيندي اسٽار بيٽر ويرات ڪوھلي ڀارت جي فتح کي ”حيرت جوڳو“ قرار ڏنو ۽ چيو ته ٽيم آسٽريليا جي هڪ ڏکئي دوري کانپوءِ هڪ وڏي ٽورنامينٽ کٽي شاندار واپسي ڪرڻ پئي چاهي، هيءَ فتح انتهائي اهم آهي.
ڪوھلي پنهنجي تجربي بابت ڳالهائيندي چيو ته ڊريسنگ ۾ ٽيلينٽ موجودگي سندن ٽيم کي مضبوط بڻائي ٿي، باصلاحيت نوجوانن جي هئڻ سان سينيئرز کي مدد ملي رهي آهي، هي ٽيم دنيا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
جيتوڻيڪ ڪوھلي واضح طور تي رٽائرمينٽ جو اعلان نه ڪيو، پر هن چيو جڏهن توهان جو سفر پڄاڻي ڏانهن وڌڻ وارو هوندو آهي ته تڏهن توهان جي خواهش هوندي آهي ته ٽيم کي مضبوط مقام تي ڇڏي وڃجي.
هن وڌيڪ چيو ته هو سمجهي ٿو ڀارت هڪ اهڙي ٽيم آهي، جيڪا ايندڙ اٺن ڏهن سالن دنيا جو مقابلو ڪري سگهي ٿي.
ٻئي پاسي ڀارتي ميڊيا ڪوھلي جي بيان کي رٽائرمينٽ جو اشارو قرار ڏئي رهي آهي ۽ مختلف رپورٽس دعويٰ ڪئي وئي آهي ته هو چيمپيئنز ٽرافي کانپوءِ ون ڊي ڪرڪيٽ ڇڏڻ جو اعلان ڪري سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.