ثانيا سان طلاق بعد شعيب ملڪ جا پٽ سان ” لاڳاپا“ ۾ ڪيئن آهن؟ اهم خبر اچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ چيو آهي ته هن جو پنهنجي پٽ اذهان سان دوستي وارو رشتو آهي.
هڪ نجي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ڏيندي شعيب ملڪ پنهنجي پٽ سان تعلق بابت ڳالهائيندي چيو ته ” پيءَ ماءُ کي پنهنجن ٻارن سان دوستي وارو رشتو رکڻ گهرجي.“
هن چيوته اذهان سندس پٽ آهي، پر هن تعلق ساڻس دوستن جهڙو آهي. هو کيس” برو“ سڏي ٿو ۽ هو به ڪڏهن ڪڏهن هن کي ”برو “ چوندو آهي.
شعيب ملڪ وڌيڪ ٻڌايو ته” مان ڪوشش ڪندو آهيان ته مهيني ۾ ٻه دفعا دبئي وڃا ۽ اذهان سان ملان، ان دوران مان کيس اسڪول ڇڏڻ به ويندو آهيان.
ياد رهي ته شعيب ملڪ ۽ ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا 2010 ۾ شادي ڪئي هئي، کين هڪ پٽ اذهان جو اولاد. گذريل سال ٻنهي هڪ ٻئي کان ڌار ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.