چيمپيئنز ٽرافي فاتح ڀارتي ٽيم تي ڊالرن جي برسات، رانديگرن جا ٺٺ

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي فائنل ۾ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي نه صرف جڳمڳائيندڙ ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي، پر ڪروڙين رپين جي انعامي رقم به حاصل ڪئي.
آچر ڏينهن دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم۾کيڏيل فائنل ۾ ڀارت نيوزيلينڊ کي 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو چيمپيئنز ٽرافي کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.
فائنل جي ڪاميابي تي جتي ڀارتي رانديگرن ميڊل ۽ ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي، اتي جهجهي انعامي رقم پڻ سندن حصي ۾ آهي.
آءِ سي سي 14 فيبروري تي ٽورنامينٽ جي انعامي رقم جو اعلان ڪيو هو، جنهن موجب، ڀارت کي چيمپيئنز ٽرافي جي فتح تي 22 لک 40 هزار ڊالرز (62 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) انعام طور مليا.
ٻئي پاسي رنر اپ ٽيم نيوزيلينڊ کي 11 لک 20 هزار ڊالرز (31 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) انعامي رقم ملي.
واضح رهي ته هن ڀيري آءِ سي سي جي گڏيل طور انعامي رقم ۾ گذريل ايڊيشن جي ڀيٽ ۾ 53 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.