جي يو آءِ پاران ڪئنالن خلاف لانگ مارچ جون تياريون

جيڪب آباد (رپورٽ:سڪندر سرڪي) جمعيت علماء اسلام سنڌ جي قائد علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ جو عوام سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ خلاف متحد ٿي ويو آهي ۽ ان خلاف هلندڙ هر تحريڪ جي ڀرپور حمايت ڪئي ويندي،جي يو آءِ شاگردن ۽ وڪيلن جي تحريڪ سان گڏ آهي ۽ سنڌ جي حقن لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي.هن وڌيڪ چيو ته جي يو آءِ سنڌ جيڪب آباد کان ڪراچي تائين لانگ مارچ جي تياري ڪري رهي آهي ته جيئن وفاقي حڪومت کي سنڌو درياءَ تي ڪينالن ٺاھڻ جي منصوبن کي ختم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي،ھن اھڙن خيالن جو اظهار جي يو آء سنڌ جي انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو .هن چيو ته جيڪب آباد ۾ عورت ٽيچرز کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر 4 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪير به گرفتار نه ٿي سگهيو. خوف سبب عورت استاد اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو، جنهن سبب اسڪول بند ٿي ويا آهن، ۽ سنڌ ۾ تعليم تباهه ٿي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.