جاتي(ن ع آ)جاتي ويجهو ٻارڻ آباد اسٽاپ ڀرسان جوابدار محمد خان ٻارڻ پاران غيرت جي نالي تي نوجوان آصف ٻارڻ کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد پاڻ جاتي ٿاڻي تي گرفتاري ڏيڻ واري معاملي بعد رات دير سان مقتول آصف ٻارڻ جو لاش جاتي پوليس تعلقي اسپتال جاتي پهچايو جتي لاش جي پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، اهڙي واقعي سبب ٻارڻ آباد اسٽاپ تي ڪاروبار بند ڪري سوڳ ملهايو ويو،هوڏانهن مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته قتل جي الزام ۾ هڪ مک جوابدارن محمد خان ٻارڻ پاران گرفتاري پيش ڪرڻ بعد جاتي پوليس ڊي ايس پي قادر خاصخيلي پوليس نفري ساڻ ڪري ڳوٺ تي ڇاپا هڻي وڌيڪ ٽن ڄڻن ابراهيم ٻارڻ،مير عمر ٻارڻ ۽ ابراهيم عرف جاکرو ٻارڻ کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي.
، جڏهن پوليس موجب فريادي ڌر ڪيس داخل ڪرڻ ناهي پهتي، جيئن ئي فريادي پهچندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.