حيدرآباد(رپورٽر) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا)، ڇهن ڪئنالن جي اڏاوت خلاف سنڌين جي احتجاج ۽ وڪيلن جي جدوجھد کي سلام پيش ڪيو ويو آهي. سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي، چولستان ۾ ڇهن ڪئنالن جي تعمير خلاف وڪيلن جي تحريڪ جي مڪمل حمايت ڪندي، سندن جدوجھد کي سلام پيش ڪيو آهي ۽ ان عزم جو اظھار ڪيو آهي ته سانا ھر فورم تي سنڌي قوم سان ٿيندڙ هن ناحق منصوبي جي سخت مذمت ۽ مزاحمت ڪندي. بيان ۾ چيو ويو ته سنڌو درياهه سنڌ جي جيئڻ جو وسيلو آهي.
، جنهن تي ڪنهن به غير قانوني، غير منصفاڻي ۽ سنڌ دشمن منصوبي کي قبول نه ڪيو ويندو، سنڌ جي عوام سان گڏجي هر ممڪن قانوني ۽ سياسي قدم کڻنداسين.17