اسلام آباد(نجم سيٺي) ڪابينا ۾ شامل ڪجهه ماڻهو سفارشي به آيا آهن،انهن مان 8 کان 9 ماڻهو اهڙا آهن جن کي ”ڀائي لوگن“ چونڊيو آهي. چار 5 اهي آهن جن کي وڏي ميان صاحب رکرايو آهي جن ۾ طلال چوڌري به آهي.وزيراعظم به 6 کان 7 ماڻهو شامل ڪرايا آهن.عون چوڌري، رضا حيات هراج، پرويز خٽڪ، خالد مگسي، مصطفيٰ ڪمال، هارون اختر ، مبارڪ زيب طاقتورن جا ماڻهو آهن.نوازشريف جا معين وٽو،علي پرويز ملڪ، حنيف عباسي، طلال ڇوڌري، طارق فضل چوڌري ماڻهو آهن. شهبازشريف طلحه برڪي ،حذيفه رحمان، عبدالرحمان ڪانجو،ملڪ رشيد،شزا خواجه کي آندو آهي. ٻئي پاسي ٽرمپ کي گهڻن هنڌن تي سوري سوري ڪري واپسي ڪرڻي پوندي.اڃان ڊيپ اسٽيٽ ۽ آمريڪي اسٽبلشمنٽ جي مزاحمت ته سامهون آئي ئي ناهي.هي ڳالهيون گهڻيون ڪندو آهي پر ايڪشن گهٽ رکندوآهي.يو ٽرن وٺندو رهندو آهي.