حيدرآباد(رپورٽر) عوامي جمھوري پارٽي ڪئنالن خلاف جدوجھد تيز ڪرڻ جو اعلان ڪندي پارٽي جي مرڪزي اليڪشن 11 مئي تي ڪراچي ۾ ڪرائڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته اي جي پي 26هين آئيني ترميم ۽ پيڪا ڪاري قانون کي رد ڪندي گھر ٿي ڪري ته انھن ڪارن قانونن کي فورن ختم ڪيو وڃي. اھڙو فيصلو عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ۾ ڪيو ويو، جنھن جي صدارت صدر خادم ٽالپر ڪئي،گڏجاڻي ۾ مرڪزي سيڪريٽري جنرل ايڊووڪيٽ لال شاھ، ڊاڪٽر سراج سيال،حريف چانڊيو،بشير چانڊيو،غلام قمبر حاجاڻو،پرويز ابڙو، جمن تنيو،انور چنا،نور جوکيو،منصف لانگاھ،منظور مھيسر،آزاد جوڻيجو،مڪيش ڪمار ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر خادم ٽالپر ۽ ايڊووڪيٽ سيد لال شاھ چيو ته وڪيلن جي ڪئنالن ۽ ڪرپٽ انتظاميا خلاف جدوجھد جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا،