حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ محاذ، درياهن جي عالمي ڏهاڙي 14 مارچ تي سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ ۽ ايس آءِ ايف سي جي منصوبن خلاف سنڌو درياهه تي المنظر پل وٽ گڏ ٿي احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان جسم جي چيئرمين رياض علي چانڊيو سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو،هن چيو ته سنڌو درياهه جي تحفظ ۽ ڇهن ڪينالن خلاف جيڪا جدوجهد ٿي آھي ان سميت وڪيلن جي ڪراچي ۾ ٿيل احتجاج تي خراج پيش ڪريون ٿا.هن چيو ته جيئن ئي سنڌ ۾ درياهه جي تحفظ جي لاءِ جدوجهد تيز ٿي آھي.، تيئن ئي قومي ڪارڪنن جون جبري گمشدگيون شروع ٿي ويون آهن، ڪارڪنن مٿان ڪيس داخل ٿين پيا ۽ کين گرفتار ڪرڻ جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي.ان موقعي تي عزيزالله ڀٽو، غفارميرجت،ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، پنهل جمالي،ذوالفقار بليدي،اياز سولنگي،ڪمال مهر،فريد خاصخيلي ۽ ٻيا موجود هئا.