ملير ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران ڪئنالن خلاف مظاهرو

ملير (ڊ ر)جيئي سنڌ محاذ ملير پاران سنڌو درياهه مان وفاق پاران 6 ڪئنال ڪڍندڙ خلاف ۽ قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير جي آڏو جيئي سنڌ محاذ ملير جو صدر رفيق چانڊيو، ارشد  چانڊيو، سڪندر پنهور، جبار بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ کي پهريائين پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي مٿان وري وفاق سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍي ريگستان کي آباد ڪري سنڌ جي سرسبز زمين کي ويران ۽ بنجر بنائڻ جو پلان جوڙيو آهي، هنن چيو ته سنڌ جو عوام سنڌو درياهه مان نڪرندڙ 6 ڪئنالن کي مڪمل طور تي رد ڪري ٿو ڪئنالن خلاف سنڌو هر غيرتمند فرد فيصلي خلاف سراپا احتجاج آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.