لاهور(امدادسومرو) هڪ پاسي چولستان ڪينال جي تعمير جاري آهي ته ٻئي پاسي سنڌ ۾ احتجاج پڻ جاري آهن. عام طور تي رمضان المبارڪ ۾ احتجاج ناهن ڪيا ويندا پر هن ڀيري پوري سنڌ ۾ قومپرست ڌريون ، وڪيل سڀ روڊن تي آهن. ان سان گڏ ايم ڪيو ايم حقيقي پاران به احتجاج ڪندڙن سان گڏ بيهڻ جو اعلان آفاق احمد پاران ڪيو ويوآهي. پاڻي کوٽ جا سڀ کان وڏا متاثر ڪراچي ۽ حيدرآباد جا شهر ٿيندا. اگر ڊائون اسٽريم سکر يا ڊائون اسٽريم ڪوٽڙِي پاڻي نه ٿو پهچي ته ان جو سڀ کان وڏو متاثر ڪراچي جوشهر ٿيندو. آفاق احمد ڪراچي ۾ وڪيلن سان ملاقات ڪري چيو ته مون کي خبر ناهي ته ڪينال جو ڪيترو اثر پوندو پر جيڪڏهن ان سان سنڌ جي پاڻِ تي اثر پوندو ته اسان پنهنجي سنڌي ڀائرن سان احتجاج ۾ شريڪ آهيون.هوڏانهن پ پ وزير شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه چوندا رهن ٿا ته ڪينال بنجڻ نه ڏينداسين پر حقيقت اها آهي ته ڪينال جوهڪ حصو مڪمل ٿي ويوآهي ان سان گڏ 176 ڪلوميٽر ڊگهو محفوظ شهيد ڪينال تي به ڪم جاري آهي. اتي هزار هزار ايڪڙ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سيڙپڪارن کي ڏنيون ويون آهن ويهن سالن جي ليز تي، انهن کي ته هرحال ۾ پاڻي گهرجي.سنڌ جي اشوز کي ڪو به ايڊريس نه پيو ڪري.ٻي پاسي قومي ميڊيا ڪراچي ۾ پوري ڏينهن ٿيندڙ وڪلين کي مارچ کي ڪوريج نه ڏني ان کان ٻه هفتا اڳ هڪ قومپرست پارٽي جي وڏي ريلي کي به ڪوريج نه ڏني وئي.خبرون دٻائڻ سان مسئلا هاڻي حل نه ٿيندا.ذوالفقار جونيئر چوي ٿو ته درياءِ چئني صوبن کي جوڙيون بيٺو آهي اگر اهو نه رهيو ته پوءِ گڏ رهڻ جو ڪهڙو جواز هوندو.نه سنڌ سرڪار نه وري وفاق ماڻهن کي ٻڌائين پيا ته مسئلو ڇا آهي.جيڪڏهن ڪينال معاملي تي ذوالفقار جونيئر ميدان تي نڪري ٿو ته پوءِ بلاول ڀٽو زرداري لاءِ هڪ ئي آپشن رهندو ته اهو ٻاهر نڪري ميدان تي اچي جيئن ڪنهن دور ۾ بينظير ڀٽو قومپرستن سان گڏ ڪمون شهيد ڌرڻي ۾ شريڪ ٿي هئي.