ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف احتجاج جو سلسلو تيز ٿي ويو تفصيل موجب سنڌو درياھ مان وفاق پاران ڪئنال ڪڍڻ واري فيصلي خلاف ايس يو پي جي سڏ تي احتجاجي ريلي ڪڍي ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، مظاهري ۾ شريڪ ايس ٽي پي، تاج فائونڊيشن، سياسي سماجي تنظيمن سول سوسائٽي وڪيلن ۽ ٻين سوين ماڻهن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي سنڌ سڪائڻ جي سازش،ڪئنال نامنظور جا نعرا هنيا احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن لالا اظهر پٺاڻ، محمد خان مري،مصطفيٰ جمال شر،بشير خان،اڪرم قمبراڻي،نور محمد مري،رياض چانڊيو،زاهد لغاري،ڪريم ڪيريو،چنڱل وساڻ،خالق جوڻيجو،ظھور لغاري،واجد لغاري،شير محمد سولنگي،ڪاشف جوڻيجو،ذوالفقار عليم وساڻ،غلام نبي جوڻيجو،مظھر عباسي،جمن لغاري، ايڊووڪيٽ اسد چانڊيو،منظور بلوچ،حميد چنا،تاج بلوچ،يوسف رند،مشتاق پنھور،سمير لغاري،عظيم خاصخيلي، عبيد بنگلاڻي،مصري لاشاري،لال محمد لغاري،شوڪت پنھور،حميد مھر،احمد خان مري ۽ ٻين چيو ته ڪينالن جي تعمير جو منصوبو سنڌ کي پاڻيءَ کان محروم ڪرڻ ۽ زراعت کي تباهه ڪرڻ جي سازش آهي سنڌ جي عوام لاءِ هي فيصلائتي گهڙي آهي ۽ سنڌ جو عوام پنهنجي حقن جي حفاظت لاءِ هر ممڪن جدوجهد جاري رکندو،هوڏانهن لڪي شاهه صدر ۾ قومپرست ڪارڪنن ۽ شهرين طرفان سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪڍڻ خلاف مين چوڪ کان ريلي ڪڍي شهيد جي ايم جويو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن انور علي چوھاڻ،غلام حيدر ڀچو،مشتاق جويو،بھادر لاکو خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه تي ڪئنال ڪڍڻ سبب سنڌ بنجر ۽ تباھ ٿي ويندي،سڪرنڊ ويجهو سنڌو ڪناري تي آباد ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ جسقم يونٽ ماڙي جلباڻي ۽ تعلقي سڪرنڊ پاران سنڌو درياءَ مٿان ڇهه ڪئنال اڏڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي والار خلاف جسقم اڳواڻ غلام مصطفيٰ زئور،امتياز جلباڻي،برڪت جلباڻي،مورڙيو ميربحر،خير محمد لاکو،فدا زئور ۽ استادن ۽ شاگردن جي اڳواڻي ۾ پيادل ريلي ڪڍي وئي،هوڏانهن راڻيپور ۾ سنڌو درياھ تي ڇھ ڪئنال ڪڍڻ خلاف مختلف قومپرست پارٽين، سياسي سماجي،وڪيل ۽ صحافين پاران ٽول پلازا راڻيپور کان ھزارين ماڻھن جي ريلي ڪڍي وئي، ريلي 2 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري پريس ڪلب راڻيپور پھتي، ريليءَ ۾ شريڪ ماڻھن جي ھٿن ۾ نعرن وارا پلي ڪارڊ ۽ بينر کنيل ھئا. جن تي سنڌو درياءَ تي سمورا ڪئنال نامنظور جا نعرا لکيل ھئا،ريلي جي اڳواڻي پريس ڪلب راڻيپور صدر اڪبر شاھاڻي،جيئي سنڌ قومي محاذ وائيس چيئرمين امجد خان مھيسر، اياز ڪورائي،اصغر ڪورائي،گسٽا مرڪزي صدر مقصود مھيسر،استاد اصغر جعفري،جسقم بشير خان قريشي جي مرڪزي اڳواڻ فقير امداد منگي،ڪرم سامٽيو،مجيب آزاد ڀيلار،صوفي ياسين راڄپر،عبدالرحيم سولنگي،صحافي فاروق دايو،فياض راڄپر،مير حسن بوزدار، لالڻ ويسر، گمبٽ بار جي صدر ايڊوڪيٽ فدا حسين ڄامڙو، جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ منور شيخ، تحريڪ انصاف مرڪزي اڳواڻ سيد احمد علي شاھ، عرفان شاھاڻي، فياض عباسي،ايس ٽي پي ڊويزن صدر محمد علي شيخ شفقت مھيسر، ڊاڪٽر ذاڪر سولنگي، رضا راڄپر، شھيد ڀٽو ضلعي صدر ضمير سولنگي، شيعا علماء ڪائونسل اڳواڻ مولانا سيد محسن علي شاھ، مجلس وحدت المسلمين اڳواڻ مولانا صفدر ملاح،تحريڪ لبيڪ اڳواڻ مولانا فھيم سرڪي،سنڌي ادبي سنگت لالڻ چنا، مختيار چنا،پي ٽي الف استاد امير سھتو، يونين آف جنرلسٽ ضلعي جنرل سيڪريٽري نويد کھڙو،قربان علي منگي، سيد پياس علي شاھ، آبادگار اڳواڻ اصغر وساڻ، نبي بخش ڪلھوڙو، امتياز ڀيلار، ضمير حسين شاھاڻي،گل محمد پٺاڻ، نيڪ محمد پٺاڻ، نور زمان پٺاڻ، ھندو برادري اڳواڻ مڪيش ڪمار، سنيل ڪمار، جيئي سنڌ قومي محاذ مرڪزي اڳواڻ ايڊوڪيٽ سجاد سولنگي، ساجد مڱريو، ثناءُ الله ڄامڙو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياءَ مٿان ڇھ ڪئنال ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھن، دادو ۾ جسقم ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جا جهنڊا کڻي دادو مورو روڊ تي دوداڻي جمالي موري وٽ احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ويهي رهيا،مظاهرين جسقم اڳواڻ منصور جمالي،عارف جمالي،عاشق سولنگي،صداقت شيخ، سڪندر راهپوٽو، نياز چنا، درياء خان پنهور ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه اسان سنڌين جي جياپي جو ذريعو آهي جنهن مان پنجاب کي 6 ڪئنال ڪڍڻ هرگز نه ڏينداسين،ٻئي پاسي جهڻ موري ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن، صحافين ۽ شھرين پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،مظاھري جي اڳواڻي پ پ اڳواڻ بالي خان ٽالپر،غلام نبي لاشاري،غلام مصطفيٰ لاشاري،ايڊووڪيٽ الهبخش ڀرڳڙي،صحافي آغا جانب،صحافي اياز ملاح،صحافي اعجاز چانڊيو، آغا امتياز،اعظم لاشاري،ماجد حسين ٽالپر،جان محمد خاصخيلي،محبوب سولنگي،نٿو رام،سلطان مري،غلام مصطفيٰ ملاح،آڪاش چانڊيو،ذوالفقار چانڊيو،محمد اسلم ٽنگڙي،غلام مصطفيٰ ڪاتيار،امام بخش ٽنگڙي، ثناءَ الله بڙدي،ڪرشن راٺوڙ ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. اڳواڻن چيو ته سنڌو درياهه مٿان 6 ڪينال اڏڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، جڏھن ته وڏيرا ۽ ڀوتار سوين ۽ هزارين ايڪڙ زمين رکن ٿا، اهي سنڌو درياهه کي وڪرو ڪرڻ واري ڪم سان لڳل آهن، درياهه کي بچائڻ لاءِ ڪجهه به نٿا ڪن، هنن چيو ته گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي ۾ لکين ايڪڙ زمينون سنڌ جي غريب هارين ۽ مزدورن کي ڏيڻ بجاءِ سگهارن ادارن حوالي ڪيون پيون وڃن،جڏهن ته سپاف شھيد ڀٽو پاران ريڊيو پاڪستان کان حيدرآباد پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي پ پ شھيد ڀٽو ضلعي حيدرآباد جي آرگنائيزر سرفراز شاهاڻي، نويد چانڊيو، سهيل پتوجو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جا ماڻھو پيئڻ جي پاڻي کان محروم ٿي ويندا،ٻئي پاسي سنڌ سجاڳي فورم ڪراچي ڊويزن جي صدر غني عاجز جي اڳواڻيءَ ۾ ڪورنگي بلال ڪالوني جي حسيني چوڪ کان بلال چورنگي تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ ياسين جھلڻ، شعيب شيخ، سلطان سنڌي،سائين لطيف ميمڻ،صداقت شيخ، مجاھد شيخ،نويد سنڌيار،ظفر سولنگي،ڪاشف ڏيپر،آصف جروار، جونئير جان محمد عرف جانڻ چن،جسقم ضلعي اوڀر جي صدر طالب مھيسر، جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ صدام نوناري،دليپ سنڌي،سرفراز سنڌي،حميد سنڌي،بچل شر سميت ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن ۽ ڪورنگي بلال ڪالوني جي رهواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ڪينال نامنظور جا نعرا ھنيا ويا .