سنڌوءَ تي ڌاڙو پيو لڳي، سنڌ ٻچو ٻچو مزاحمت ڪندو:جونيئر ذوالفقار ڀٽو

ٺٽو/دڙو(رپورٽ: منصور جلالاڻي+منٺار ٺاراڻي) جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ھڪ ڏينھن جي دوري تي پھتو، سندس گجو، گھارو، مڪلي ۽ ٺٽو پھچڻ تي ڪارڪنن پاران شاندار استقبال ڪيو ويو. مڪلي تي صحافين سان ڳالھائيندي جونئير ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته سنڌو درياءُ تي ڌاڙو ھڻي ھڪ مخصوص طبقي کي خوش ڪرڻ لاءِ زمينون آباد ڪيون پيون وڃن سنڌ جو ھر باشعور ماڻھو سنڌو درياءُ مان نڪرندڙ ڪئنالن خلاف مزاحمت ڪندو سنڌ حڪومت گذريل اليڪشنن ۾ جيڪي واعدا ڪيا آھن انھن مان ھڪ به واعدو وفا نه ڪيو آھي،سنڌ ۾ ھن وقت بدامني جي باھ ۾ ٻري رھي آھي، مھانگائي، بک، بدحالي، بيروزگاري وڌندي پئي وڃي، 20 سال پ پ پ کي ماڻھن ووٽ ڏنا آھن، اھي ٻڌائين ته اوھان ماڻھن لاءِ ڇا ڪيو آھي، درياءُ جا جيڪڏھن فطري وھڪرا بحال ٿين ته ٻوڏ دوران ايڏو نقصان نٿو ٿي سگھي،هن چيو ته حڪمرانن ٻوڏ ۾ متاثر ٿيل ماڻھن کي گھر ٺاھي ڏيڻ جا واعدا ڪيا، جن تي اڃان تائين عمل نه ٿي سگھيو آھي، دريا تي ڌاڙي خلاف ھر مڪتب فڪر جو ماڻھو جدوجھد ڪري رھيو آھي، سنڌو درياءُ اسان لاءِ ڪرنگهي جي ھڏي جي برابر آھي جيڪي ماڻھو آواز اٿاري رھيا آھن اھي تحريڪ جو سبب بڻبا. ھن چيو ته 26ھين آئيني ترميم بعد جيڪي به صوبائي قانون ۽ اسيمبليون آھن انھن جو احترام نه پيو ڪيو وڃي، سنڌ بلوچستان، سرائيڪي وسيب جا به حق آھن انھن کي ملڻ گھرجن، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف غريب ھاري ۽ باشعور طبقو آواز اٿاري رھيو آھي،زمينن تي قبضا ٿي رھيا آھن، احتجاج به ٿي رھيا آھن، ڪارپوريٽ فارمنگ منافعو ڪمائڻ لاءِ ٺاھيو پيو وڃي، جيڪا به ھارين ۽ مزدورن جي محنت ھوندي اھا ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي ٻاھر اماڻيو ويندو، ڪارپوريٽ فارمنگ زمينون اسان لاءِ ناھن اتان پيدا ٿيندڙ اناج اسان جي کائڻ لاءِ نه پر صرف ناڻي ڪمائڻ لاءِ آھي، پنجاب جا ھاري پڻ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف احتجاج ڪري رھيا آھن. ھن چيو ته ھُو سمجھي رھيا آھن ته سرائيڪي وسيب ۽ سنڌ پاڪستان جو حصو نه پر ڪالونيون آھن، جيئن انگريزن قبضو ڪيو ايئن ئي قبضو آھي،سرڪار اسان کان سڀ ڪجهھ کسي رھي آھي. جڏھن ته جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو مڪلي ۾ پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻ ڊاڪٽر لکمير پالاري جي ڀاءُ نظر پالاري جي وفات تي ساڻس تعزيت ڪئي. ٺٽي ڀرسان سدابھار ۾ پ پ شھيد ڀٽو جي ورڪر رحيم بخش بروھي جي لاڏاڻي تي پڻ سندس وارثن سان تعزيت ڪئي،ان موقعي تي پ پ شھيد ڀٽو سنڌ ڪائونسل جو ميمبر ڊاڪٽر لکمير خان پالاري، غلام مصطفيٰ پالاري سينيئر نائب صدر پ پ پ شھيد ڀٽو ضلعو حيدراباد، حاجي حسين پالاري، زاھد عرف ببلو شريف پالاري، بابو احسان ڀٽو، چاندي خان بروھي، پير بخش سمون، نثار ميمڻ، لالا ساگر شيخ ۽ ٻيا موجود ھئا، هوڏانهن دڙي ويجهو شھيد مير مرتضي ڀٽو جي فرزند جونيئر ذوالفقار ڀٽو ڳوٺ لاکا پهچي پ پ شھيد ڀٽو جي ڪارڪن نجم لاکائي ميمڻ ۽ نظام لاکائي ميمڻ سان سندس والد محمد عمر لاکائي ميمڻ جي وفات تي تعزيت ڪئي جڏهن ته ڊڀو موري تي پ پ شھيد ڀٽو جي ڪارڪن عبدالمجيد سومرو سان سندس پٽ جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ دعا گهري ان موقعي تي پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ مجيد سيال، رحيم بخش کوسو، عبدالغفور پليپوٽو، نثار ميمڻ ۽ ٻيا اڳواڻ ساڻس گڏ هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.