لاهور(معظم فخر) جنرل فيض حميد جو ٽرائل پنهنجي انجام ڏانهن وڌي رهيوآهي ۽ مختلف شخصيتن کان سوال جواب ڪرڻ جو سلسلو به جاري آهي ان ڏس ۾ اڳوڻي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ثاقب نثار کان به ٻه ڀيرا گهرائي سوال جواب ڪيا ويا آهن.اها طئي ٿيل ڳالهه آهي ته ان جو ملبو پي ٽي آئي تي ڪرڻو آهي ان جي ڪري پي ٽي آئي پاران جوابي بيانيو تيار ڪرڻ جي تياري ڪئي وئي آهي.علي امين گنڊاپور 365 چينل کي انٽرويو ڏنو آهي ۽ هن چيو آهي ته جنرل فيض حميد آرمي ۾ بطور ڪيڊٽ آيو ۽ پوءِ ترقي ڪندي ڪندي ڊي جي سي بڻيو، ڊي جي آئي ايس آئي بڻيو سو ڇا اسان ان کي فوج ۾ ڀرتي ڪرايو يا جنرل بڻايو ، ڊي جي سي بڻايو؟سو ان جو ملبو اسان تي نه ڪيرايو وڃي،هن وقت جيڪا انڪوائري جنرل فيض حميد خلاف جاري آهي اها سندس 9 مئي واقعن سان جڙيل هئڻ بابت ٿي رهي آهي. لڳي ٿو ته انڪوائري دوران جنرل فيض حميد ڪجهه اهڙا انڪشاف ڪيا آهن جن جو سُر پي ٽي آئي کي ملي ويو آهي ڇو جو سندس ٻن وڪيلن منجهان هڪڙو سڌي ريت پي ٽي آئي سان واسطو رکندڙ علي اشفاق اهي. امڪان اهو آهي ته اهڙين ڳالهين جي خبر پوڻ بعد پي ٽي آئي پاران نئون بيانيو جوڙيو پيو وڃي.ٽاپ سٽي معاملي تي جنرل فيض حميد جو ترائل مڪمل آهي ۽ جيئن ئي ملٽري ڪورٽس بابت فيصلو سامهون ايندو ته ان کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو. اگر ملٽري ٽرائل مخصوص حالتن ۾ جائز قرار ڏنو ويو ته عمران خان سميت 40 کن پي ٽي آئي اڳواڻ سرڪاري مهمان بڻجي ويندا.