ڪئنال ۽ ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ گهرجي(خالد کوکر)سنڌ کي اعتراض آهن:ترجمان سنڌ حۡڪومت

اسلام آباد(نصرالله ملڪ)زرعي ماهر نصير الله خان چيو آهي ته چولستان ڪئنال لاءِ ڪنهن صوبي جو پاڻي نه کنيو ويندو،ان رٿا تي پنجاب حڪومت 250 ارب رپيا خرچ ڪري رهي آهي،واهه تيار ٿي رهيا /ڏس آهن،لکين ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي،هن چيو ته اسان جو ايندڙ مسئلو فوڊ سيڪيورٽي جو آهي،زراعت ۾ ٽيڪنالاجي آڻڻ سان سمارٽ ايريگيشن سسٽم ايندو،نيو ٽي وي جي پروگرام ۾ ترجمان سنڌ حڪومت سعديه جاويد چيو ته ٽي صوبا ڪالاباغ ڊيم کي رد ڪري چڪا آهن،ان تي نه ڳالهايو وڃي،توهان کي دعوت ڏجي ٿي ته سنڌ جو دورو ڪريو،پڇڙي ۾ پاڻي ئي ناهي،ستلج ۾ آخري ڀيرو پاڻي ڪڏهن آيو هو؟اتي انڊيا کان پاڻي ايندو آهي،پنجاب وٽ پورو پاڻي ناهي،ارسا سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو آهي ته پاڻي جي کوٽ آهي،برساتون ئي نه پيون آهن، هن چيو ته چولستان ڪئنال لاءِ سرٽيفڪيٽ نگران حڪومت ۾ جاري ٿيو،اسان جي حڪومت ٺهي ته اسان ان اشو کي سي سي آءِ ۾ چئلينج ڪيو آهي،11 مهينن کان سي سي آءِ جو اجلاس ناهي ٿيو،پ پ ان رٿا جي پهرين ڏينهن کان مخالفت ڪري رهي آهي،حڪومت ان رٿا کي ايڪنڪ ۾ ناهي رکيو،ٺٽو،بدين،سجاول ۾ زمين کي سمنڊ ڳڙڪائي رهيو آهي،ڪسان اتحاد جي چيئرمين خالد کوکر چيو ته مون کي خوشي ٿي رهي آهي ته چولستان آباد ٿي رهيو آهي،176 ڪلوميٽر جو علائقو سرسبز ٿي رهيو آهي،ڀارت وارا پنهنجي راجستان کي آباد ڪري سگهن ٿا ته اسان ڇو نٿا ڪري سگهون،ڪئنالن جي ڪجهه ماڻهو مخالفت ڪري ملڪ دشمني ڪري رهيا آهن،هن چيو ته فوج تي تنقيد بناجواز آهي،هاري ۽ جوان گڏجي ڪم ڪندا ته پاڪستان خوشحال ٿيندو،دنيا جي 19 ملڪن ۾ فوج ۽ هاري گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن،سيڊز سسٽم کي هاڻي ٺيڪ ڪيو پيو وڃي،جديد مشينري ڏانهن وڃي رهيا آهيون،سنڌ به فلڊ ايريگيشن ڏانهن وڃي رهي آهي،هن چيو ته ڪالاباغ ڊيم نه بڻجڻ ڏنو ويو ان سان ڪيترو نقصان ٿيو،ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ ڏنو وڃي ۽ هڪ معاهدو ڪيو وڃي ته سنڌ کي اختيار هجي ته پاڻي بچي ته پنجاب کي ڏنو وڃي نه ته نه ڏنو وڃي،سنڌ وارا اسان جا ڀائر آهن،هن چيو ته پنجاب ۾ اسان کي في هزار ايڪڙ ٻه اڍائي ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي جڏهن ته اسان جي سنڌي ڀائرن کي في هزار ايڪڙ تي 8 کان 13 ڪيوسڪ پاڻي ملي رهيو آهي،اسان پنهنجي حصي جو پاڻي سنڌ کي ڏنو آهي،ان جي پمپنگ لاڳت پنجاب ڀري رهيو آهي حالانڪه اهو پئسو سنڌ حڪومت يا وفاق کي ڀرڻ گهرجي،اسان جي آبادي وڌي رهي آهي،ڇا پنجاب جي ڪڻڪ سنڌ،ڪي پي بلوچستان ۾ نٿي وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.