آبادگارن پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت مقرر ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو+م ڊ )آبادگارن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت مقرر ڪري خريداري شروع ڪئي وڃي، بجلي جي اضافي بلن جو فرانزڪ آڊٽ ڪرايو وڃي، هاري غير قانوني ٽيڪس قبول نه ڪندا، ڪسان اتحاد پاڪستان ڪڻڪ جي اگهه ۽ هارين جي مسئلن تي وزيراعظم کي خط لکي ڪڻڪ جو اگهه 4 هزار 200 رپيا في مڻ مقرر ڪري فوري خريداري کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ڪسان اتحاد جي صدرخالد حسين باٺ طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته گذريل سال حڪومت ڪڻڪ جو اگهه 3 هزار 900 رپيا في مڻ مقرر ڪيو هو پر ان جي خريداري نه ڪئي وئي، خط ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن حڪومت هن سال به ڪڻڪ خريد نه ڪئي ته ملڪ جي فوڊ سيڪيورٽي کي سخت خطرو هوندو،خط ۾ ياد ڏياريو ويو آهي ته پاڪستان کي اربين ڊالرن جي ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو اختيار ناهي، هارين کي سندن جائز حق ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.