اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري سڀاڻي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندو.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي هڪ نڪاتي ايجنڊا جاري ڪري ڇڏي.
ايجنڊا موجب صدر آصف علي زرداري سڀاڻي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندو، اجلاس سڀاڻي منجهند 3 وڳي ٿيندو.