ٺٽو (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو آهي ته پ پ عوام سان ڪيل هڪ به واعدو پورو نه ڪيو.
ٺٽي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته ٻوڏ کانپوءِ ٻيهر گهر ٺاهڻ جو واعدو پورو نه ٿيو، ماحول بچائڻ جو واعدو ڪيو ويو پر اهي سڀ ڪجهه کپائي رهيا آهن، پ پ جيڪي به واعدا ڪيا انهن جي ابتڙ هلي رهي آهي.
هن چيو ته رڳو سنڌ ن پر پنجاب جو عوام به ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف آواز اٿاري رهيا آهن.
پنجاب جو عوام به ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف آواز اٿاري رهيو آهي: ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر
You might also like