موقعو مليو ته آءِ پي ايل ضرور کيڏندس: محمد عامر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر آءِ پي ايل کيڏڻ بابت خبرن تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ميزبان، محمد عامر کان سوال ڪيو ته توهان جلد برطانوي پاسپورٽ رکندڙ ٿي ويندئو، ان کانپوءِ آءِ پي ايل کيڏي سگهو ٿا، توهان جو ڪهڙو ارادو آهي؟
ان تي محمد عامر چيو ته ايندڙ سال تائين مون کي آءِ پي ايل کيڏڻ جو موقعو مليو ته ضرور کيڏندس.
ميزبان کانئس پڇيو ته آءِ پي ايل کيڏڻ تي توهان تي تنقيد ٿئي ته پوءِ؟ جنهن تي عامر چيو ته مان عالمي ڪرڪيٽ ڇڏي ڏني آهي.
هن نالو کڻڻ بنا تنقيد ڪئي ته پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي آءِ پي ايل کيڏڻ تي پابندي هئي پر اسان جا اڳوڻا ڪرڪيٽر ڪامينٽري ڪري رهيا هئا ۽ ڪوچ به بڻيا هئا.
محمد عامر وڌيڪ چيو ته مان رائل چيلينجر بينگلور جي نمائندگي ڪرڻ پسند ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.