ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جڊيشل ميجسٽريٽ اوڀر دعا زهريٰ ۽ ظهير جو نڪاح درست قرار ڏيندي نڪاح نامو جعلي قرار ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
ڪراچي ۾ جڊيشل ميجسٽريٽ اوڀر جي عدالت دعا زهريٰ ڪيس ۾ نڪاح نامو غلط قرار ڏيڻ جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت نڪاح درست قرار ڏيندي اهو جعلي قرار ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
نڪاح نامو جعلي قرار ڏيڻ جي درخواست دعا زهريٰ طرفان داخل ڪئي وئي هئي، عدالت حڪم ڏنو ته ان سلسلي ۾ لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪيو وڃي.
واضح رهي ته دعا زهريٰ نوجوان ظهير سان پسند پرڻو ڪيو هو، ٻئي آن لائن گيمنگ پليٽ فارم تي مليا هئا.
عدالت دعا جي عمر گهٽ قرار ڏيندي کيس شيلٽر هوم منتقل ڪري ڇڏيو هو، پوءِ هوءَ اتان پنهنجي گهر منتقل ٿي، دعا پيءَ ذريعي نڪاح نامو جعلي قرار ڏيڻ جي درخواست ڏني هئي.
You might also like