ڦورو پل تان ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش دوران بجلي تار تي لٽڪي پيو!

ڪراچي (م ڊ) سخي حسن علائقي ۾ پوليس کان بچڻ لاءِ ھڪ ڦورو وڻ بعد پل جي ٽاور تي چڙهي ويو، تار تي لٽڪي جان  بچائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي، موٽرسائيڪل سوار کان موبائل ڦر ڪرڻ کانپوءِ ڦوري گهڻي تائين بجليءَ جي تار تي ٽنگيل رهيو، پر پوليس نيٺ کيس گرفتار ڪري ورتو، وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ڦورو تار تي لڙڪيل آهي، جڏهن ته ھيٺ پوليس اهلڪار چادر کڻي تيار بيٺا آهن ته جيئن ڦورو کي محفوظ طريقي سان پڪڙي سگهجي، ڪافي دير تائين تار تي لڙڪڻ کانپوءِ نيٺ ڦورو پاڻ کي هيٺ ڇڏي ڏنو، جتي پوليس اهلڪارن کيس فوري طور پڪڙي ورتو پوءِ به هن ڦر ٿيل موبائيل متاثر نوجوان کي واپس نه ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.