حڪومت پي آءِ اي جي نجڪاري ٽن مهينن ۾ مڪمل ڪندي: عليم خان

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ) نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته حڪومت پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي نجڪاري لاءِ سمورا قدم ايندڙ 3 مهينن ۾ مڪمل ڪندي، آءِ ايم ايف جي سڌارن واري ايجنڊا تحت نجڪاري ڪميشن اپريل 2024 ۾ چيو هو ته قومي ايئرلائن جي 51 سيڪڙو کان 100  سيڪڙو تائين شيئرز جي وڪري لاءِ ٻوليون لڳايون وينديون، 26 فيبروري تي قومي اسيمبلي جي نجڪاري بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي پي آءِ اي جي نجڪاري جي پهرين ناڪام ڪوشش قومي خزاني تي43 لک  ڊالر جو بار پيو، ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته نجڪاري جي پهرين مرحلي ۾ خريدارن جي عدم دلچسپي جا ڪيترائي سبب هئا، جن ۾ نون جهازن جي خريداري تي 18 سيڪڙو جنرل سيلز ٽيڪس ۽ قومي ايئر لائن جا واجبات شامل آهن، نجڪاري واري وزارت طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ وفاقي وزير چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري کي وڌيڪ پرڪشش بڻائڻ لاءِ نئون روڊ ميپ ڏنو پيو وڃي، اميد آهي ته نجڪاري جا سمورا مرحلا ايندڙ 3 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.