لاڙ پٽي ۾ فصلن سان گڏ انساني توڙي آبي جيوت سخت متاثر

ٺٽو: سنڌو درياھ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿيڻ سبب لاڙ واري پٽي ۾ فصلن  سان گڏ انساني توڙي آب جيوت سخت متاثر ٿي رھي آھي، سامونڊي پٽي ۾ پوکيل تمر جا ٻيلا پڻ تيزي سان ختم ٿيڻ ڪري سمنڊ جي اڳتي وڌڻ جو ھڪ وڏو سبب بڻجي رھيو آھي، جڏھن ته ماحولياتي تبديلين تي پڻ اثر پئجي رھيو آھي.

  1. پاڻي کوٽ ساحلي پٽي جا سوين ڳوٺ ويران ڪري ڇڏيا آهن: امير حيدر شيرازي

ٺٽو: اڳوڻي ايم پي اي سيد امير حيدر شاھ شيرازي چيو ته ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن جي سامونڊي  پٽي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، شاخن ۽ واهن ۾ پاڻي نه اچڻ ۽ جر جو پاڻي کارو ٿي وڃڻ ڪري انسان، جانور، جيت ۽ پکي پيئڻ جي پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهن، پاڻي جي کوٽ ساحلي پٽي جي سوين ڳوٺن کي ويران ڪري ڇڏيو آهي، پيئڻ جو پاڻي نه هجڻ ڪري هزارين ماڻهو پنهنجا گهر، روزگار ۽ زمينون ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويا آھن، سڄي علائقي جا جر به زهريلا بڻجي ويا، فصل نه ٿيڻ سبب بيروزگاري وڌڻ ڪري ڪيترن ئي ماڻهن خودڪشيون ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو ئي اجهائي ڇڏيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.