عورتن جي شموليت کامسواءِ ڪاميابيون ممڪن ناھن: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي عورتن جي عالمي ڏينهن 8 مارچ تي پيغام ڏيندي چيو ته  ڪالاباغ ڊيم، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، دھشتگردي ۽ ڪرپشن خلاف جدوجھد ۾ سنڌياڻي تحريڪ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو آھي، سياست سان گڏ زندگي جي ھر شعبي ۾ جيستائين عورتن جو ڪردار شامل نه ھوندو ڪاميابيون ممڪن ناھن، مھذب سماجن ۾ عورتن کي برابري واري حق حاصل آھن، مسئلن ۽ مصيبتن کي عورت سڀني کان وڌيڪ ڀوڳي ٿي، پوءِ اھو مسئلو غربت جو ھجي، مھانگائي جو ھجي، ڪرپشن، بيروزگاري، تعليم جي تباھي، صحت جي سھولتن جي اڻ ھوند يا اڻ برابري ۽ جھالت جو ھجي. تعليم سڀني مسئلن جو حل آھي۔ عورت ۽ ٻارن کي عزت ۽ حيثيت، برابري واري حق سان اڳتي وڌيا آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.