اسلام آباد (منصورعلي خان) بحريه تائون بابت ڊان اخبار رپورٽ ڏني آهي ته بحريه تائون ڪراچي واٽر ڪارپوريشن جو سڀ کان وڏو باقيدار آهي.ڇهن سالن کان هن پاڻي جو بل ادا ناهي ڪيو جيڪو 14.78 ارب روپيا آهي. ڪارپوريشن جي مطابق بحريه تائون لائسنس کان بنا زير زمين پاڻي ڪڍي رهيوآهي 2018 ۾ بحريه ٽائون ۾ ڪل 59 بوٽس جي نشاندهي ڪئي وئي هئي روزاني 1.77 ملين گيلن يا 7.4 3 ملين ليٽر پاڻي ڪڍي چڪو آهي ان بنياد تي واٽر ڪارپوريشن ملڪ رياض خلاف باقيدار هئڻ جو نوٽيس جاري ڪيوآهي.