ڪينال رٿا خلاف ميرپورخاص ۾ وڪيلن جي ٽوڪن هڙتال

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ميرپورخاص پاران هڪ ڪلاڪ جي ٽوڪن هڙتال ڪري احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي، جتي ڳالهائيندي وڪيل اڳواڻن افضل ڪريم، غفار ناريجو، شوڪت راهمون، شير محمد وساڻ، سروڻ ڪمار  ڀيل ۽ ٻين چيو ته سنڌو تي نوان ڪئنال اڏڻ جي سازش اصل ۾ سنڌ کي سڪائڻ جي سازش آهي، ڪئنالن خلاف سنڌ جو هر طبقو سراپا احتجاج بڻيل آهي، ان سنڌ دشمن فيصلي خلاف وڪيل برادري به پنهنجي صوبي جي عوام سان گڏ جدوجهد ۾ گڏ آهي ۽ ان سنڌ دشمن منصوبي کي ڪنهن صورت ۾ قبول نه ڪندي، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور سنڌ دشمني تي ٻڌل فيصلو واپس ورتو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.