سنڌو جي بچاءُ لاءِ احتجاج ڪندڙ نوجوانن تي وري تشدد ٿيو ته ردعمل ڏينداسين\جونيئر ذوالفقار ڀٽو

ڄامشورو(رپورٽ: صدر الدين جوڻيجو) پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو جو سربراهه جونيئر ذوالفقار ڀٽو  ڄامشوري ۾ پهچي ويو ، 4 مارچ تي سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف پر امن احتجاج دوران شاگردن تي پوليس جي لاٺي چارج،  گرفتارين ۽ ڪيس داخل ٿيڻ واري عمل تي سنڌ يونيورسٽي جي بھادر شاگردن سان يڪجهتي ڪرڻ لاءِ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ يونيورسٽي پهتو، سنڌ يونيورسٽي پهچڻ تي پ پ  شھيد ڀٽو جي اڳواڻن، ڪارڪنن توڙي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن وڏي جوش سان سندس استقبال ڪيو، انڊس هاءِ وي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي کان سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽل تائين وڏي ريلي جي صورت ۾ پرجوش ۽ اڀ ڏاريندڙ نعرن سان کيس آندو ويو، جتي سپاف شھيد ڀٽو سنڌ يونيورسٽي جي صدر وقار چانڊيو، سمير سمون، پ پ پ شھيد ڀٽو ضلعي صدر ڪامريڊ ديدار حسين ٻڳھيو،  نائب صدر علي بروھي، غلام حيدر چانڊيو، زاهد ٻٻر، نظر حسين جوڻيجو، رفيق ڀلائي، مظھر ملاح، فقير امداد هيسباڻي ۽ ٻين سندس استقبال ڪيو. سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽل وٽ هن گرفتاري بعد آزاد ٿيل شاگردن ۽ ريلي جي اڳواڻي ڪندڙن سان ملاقات ڪئي ۽ سڄي معاملي بابت تفصيل پڻ ورتا. ان موقعي تي شاگردن پاران کيس ٽوپي، اجرڪ ۽ لونگي جا تحفا پيش ڪيا ويا. ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو جي اڳواڻ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جو ۽ سنڌي قوم جي جياپي جو واحد ذريعو آهي، سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي ڌاڙو ڪنھن به صورت منظور ناھي، هن شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌ جو شاگرد قوم جو سرمايو آهي، جيڪو سنڌي قوم جي حقن جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻي ٿو، هنن شاگردن جي ساٿ کانسواءِ اسان اڳتي نه ٿا وڌي سگهون، سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن هميشه بھادري جو مظاھرو ڪيو آھي، 4 مارچ تي سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن جي پر امن احتجاج تي پوليس جي لٺ بازي، شيلنگ ۽ گرفتاريون مذمت جوڳو عمل آهي، شاگردن مٿان داخل ڪوڙو ڪيس فوري طور تي ختم ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف تمام جلد يونيورسٽين جي شاگردن سان گڏ ڀرپور نموني سان ڌرڻو هنيو ويندو، جيڪو اقتدار ڌڻين کي لوڏائي ڇڏيندو. هن چيو ته سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي مان هاري پاڻي کوٽ خلاف دانهون ڪري رهيا آهن پر اهي دانهون ٻڌيون نه پيون وڃن، پر هاڻي انهن کي اسان جون دانهون ٻڌڻيون پونديون ۽ ڀرپور احتجاج جي صورت ۾ اسان کين پنهنجو آواز ٻڌائيندا سين. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو وڌيڪ چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن سنڌو درياهه تي ٺھندڙ ڪئنالن خلاف ڀرپور آواز اٿاريو، جنهنڪري 100 شاگردن مٿان ڪيس داخل ٿيل آھي، حق گھرڻ تان انھن مٿان لٺيون وسايون ويون، انھن کي زخمي ڪيو ويو آھي، جنهن جي مذمت ڪريان ٿو، هنن شاگردن جو ڏوھ ڪھڙو ھو، جن پنھنجي وطن، سنڌ صوبي جي حقن، پاڻي ۽ سنڌو تي ڌاڙي خلاف آواز اٿاريو ته انهن مٿان پوليس ظلم ڪري کين تشدد جو نشانو بڻايو ۽ مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آھن، ڇا پوليس ھن صوبي جي ناھي، ڇا اھا سنڌ جو پاڻي نٿي پيئي، جيڪڏهن ڪئنال ٺاھيا ويا ته پوليس، رينجرس، امير، غريب ۽ اسان به اڃ مرنداسين، پوليس کي گھرجي ته هو اسلام آباد وارن کي ڏنڊا ھڻن، انھن جي اعلي’ عھديدارن کي ڏنڊا ھڻن، جيڪي اسان جي سنڌ جو پاڻي چوري ڪن ٿا. جيڪڏهن اڳتي ڪنهن نوجوان کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو ته اسان به عملدارن کي ڏنڊا هڻنداسين. هن چيو ته سپاف ۾ سرڪاري ڌر  جا شاگرد آھن، جيڪي پنھنجي اڳواڻن کان ڊڄن ٿا، انھن کي خبر آھي ته پاڻي نه ھوندو ته اڃ مرنداسين، پر ھو پنھنجي اڳواڻن کان ڊنل آھن، انھن کي پاڻي چوري بابت چٽو موقف نٿا ڏين، انھن کي خوف مان نڪري پنهنجو موقف ڏيڻ گھرجي. سنڌو اسان جو جسم آھي، ان جسم جي ھڪ حصي ۾ سور ٿيندو ته سڄو جسم متاثر ٿيندو آھي، اھو درد جيڪڏھن تيز ٿي ويندو ته اھو اسلام آباد تائين پھچي ويندو، گلگت تائين پھچي ويندو. مان پھرين سياست نه ٿي ڪئي، پر ھاڻي ڪري رھيو آھيان، هي سياست ڪنھن وڏيري، جاگيردار ۽ امير لاءِ نه پر ھن صوبي جي مظلوم عوام ۽ مسڪينن لاءِ ڪندس، سنڌ اندر نظريا ڀلي الڳ الڳ ھجن پر سنڌو درياهه جي بچاءُ لاءِ سڄي قوم ھڪ ٿيئي، اسان انھن سان گڏ بيھنداسين. ان موقعي تي عنايت علي عمراڻي، سيد اسلم شاھ، دلمراد جتوئي،  وفا سڪندر جوڻيجو، اڪبر جوڻيجو، اورنگزيب  جمالي، ڪاميٽي ميمبر ماما مجيد قريشي، سيد طالب شاھ، شھزاد راڄڙ, حاڪم ملاح، سليمان ڀلائي، زاھد ٻٻر, مظھر ملاح ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.