گمبٽ (رپورٽ: تاج محمد مھر) سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف فقيرآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران جي ايم چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ان موقعي تي غلام فريد خاصخيلي، سڪندر چانڊيو، آصف لاکائي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال نڪتا ته سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي وينديون ۽ ماڻهو پاڻي پيئڻ لاءِ به پريشان ٿي ويندا، مطالبو ڪريون ٿا ته ڪئنالن وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.