اڄ سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ عورتن جو عالمي ڏينھن ملھايو پيو وڃي. اقوام متحدہ جو اھو تمام سٺو قدم آھي، جنھن سان عورتن جي برابري ۽ انساني حقن جي حوالي سان ڀرپور جاڳرتا مھم ھلي ٿِي. ڪجهه ماڻھن جو خيال آھي ته ان سان ڪو به فرق نٿو پوي، پر ايئن به ناھي. اھا سوچ ڪا بھتر سوچ ناھي. عورتن جي عالمي ڏينھن تي جڏھن سڄي دنيا ۾ تقريبون، سيمينار، پروگرام، ڪانفرنسون ۽ احتجاج يا آزادي مارچ ٿين ٿا ته فرق ضرور پوي ٿو. ظاھري ڳالهه آھي ته پنجاھ يا سو سال اڳ عورت جنھن ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جو شڪار ھئي، ان ۾ ھاڻي گھٽتائي آئي آھي ۽ اسان کي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي.
اسان سنڌي سماج جي ڳالهه ڪنداسين ته ان ۾ عورت جو رتبو ھميشه مٿانھون رھيو آھي- عورت ھونئن به ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ، زال يا ڪنھن به رشتي ۾ تمام اھم ۽ اتم آھي، پر سنڌ جي سُھڻي شاعر لطيف جھڙي نموني عورت جي ڪردار کي بيان ڪيو ۽ ساراھيو آھي، ان سان سنڌو تھذيب جي عورت جو فخر کان ڳاٽ اوچو ٿي وڃي ٿو- سر مارئي، سر سسئي، سر سھڻي ۽ سر مومل عورت جي ڪردار سان ڀريل آھن، جنھن ۾ انھن جي وفا ۽ جدوجهد کي واکاڻيو ويو آھي. لطيف سائين سر سسئي ۾ عورت جي جدوجهد کي بيان ڪندي ھڪ ھنڌ چوي ٿو:
پيرن پنڌ ڇڏيو ته گوڏن ڀر گسڪندياس!
گوڏن گسڪڻ ڇڏيو ته چيلھه ڀر چرندياس!
چيلھه چرڻ ڇڏيو ته سيني ڀر سرندياس!
سيني سرڻ ڇڏيو ته ھٿن سان ھلندياس!
ھٿن ھلڻ ڇڏيو ته اکين سان ايندياس!
مرون ٿي مرن ۾ جبل جھاڳيندياس!
جي مليا ته ملندياس، نه ته گھوري جان جتن تان!
پُراڻي دور جي ڀيٽ ۾ ھاڻي سنڌ جون ڪيتريون عورتون استاد، پوليس ۽ صحت جي شعبي سرڪاري توڙي نجي ادارن ۽ فيڪٽرين ۾ مزدوري ڪن ٿيون، ۽ ڪنهن حد تائين نالي ماتر صحيح ڪجهه اھم ڪامورڪين پوسٽن توڙي سماجي تنظيمن اين جي اوز ۾ پِڻ وڏي تعداد ۾ پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏيئي رھيون آھن. انھيءَ باوجود سماج ۾ صنفي تشدد جا ڪيترا واقعا ٿين ٿا تازو ئي فاطمه ڦرڙو جو جنسي تشدد جو ڪيس ظاھر ٿيو. ان کان علاوه ڪيترا ڪيس ظاھر ٿيا آھن، جنهن ۾ نمرتا ڪماري جيڪا ھڪ ميڊيڪل ڪاليج ۾ جنسي تشدد جو شڪار ٿي. ۽ ٻيا ڪيس جنهن ۾ تانيا خاصخيلي، نائلا رند، قرت العين عيني بلوچ ۽ ٻيا ڪيترا صنفي تشدد جا ڪيس ظاھر ٿيا آھن. ۽ ڪيترا ڪيس جيڪي ٻھراڙين ۾ ظاھر ٿين ٿا پر اھي دٻجي وڃن ٿا، جن جي ڪا داد فرياد به نٿي ٿئي.
ٻھراڙي جي عام عورت سھولتن جي نه ھجڻ جي باوجود گھر توڙي گھر کان ٻاھر جي ڪمن کي منهن ڏين ٿيون. توڙي جو معاشري ۾ عورت کي مرد کان گھٽ ترجيع ڏني وڃي ٿي. عورت کي گھر جي ڪمن يعني رڌپچاءَ گھر جي صفائي ٻار پيدا ڪرڻ ۽ ٻيا گھر جا ڪم مڙھيا وڃن ٿا، جڏهن تـ ٻھراڙي جي عورت گھر جي ڪمن سان گڏ جانور سنڀالڻ، گاھ ڪڍڻ، ڪاٺيون ڪرڻ، زمين جو ڪم ڪندي نظر اچي ٿي ۽ مرد کان وڌيڪ ذميداريون نڀائي ٿي. ٻھراڙي جون ڪيتريون عورتون سگھڙ عورتون پڻ آھن، جيڪي ھٿ جا مختلف ھنر يعني ٽڪ جو ڪم، سادو ڀرت، شيشا ٽانڪڻ، رلي سڀڻ، زري جو ڪم، ڪپڙا سبڻ سان گڏوگڏ پن جا پکا يعني گھرن لاءِ چٽايون ٺاھڻ، ھٿ جا پکا ٺاھڻ، کٽ جو واڻ ٺاھڻ، ۽ تڏا ٺاھڻ جو بھترين ھنر ڄاڻن ٿيون. ۽ سٺو ناڻو پڻ ڪمائين ٿيون.
ضلعي ٺٽي جو ھزارين ڳوٺن جي عورتن ڇوڪرين سان مختلف سماجي ڪمن بابت ڪچھريون ٿين ٿيون ۽ عورتن جي مسـئلن تي ڳالهه ٻولھ ٿيندي رھي ٿي. اڪثر ڳوٺن جون عورتون تعليم کان محروم رھيون آھن. اھي ڳڻتي ۽ افسوس ڪندي اھو پڻ چون ٿيون ته ٻھراڙين ۾ ھزارين اسڪول زبون حالت ۾ ھجڻ جي ڪري ۽ ڪٿي فرنيچر نـ ھجڻ، استادن جي کوٽ، ۽ غير ذميداري سبب اھي تعليم حاصل نه ڪري سگھيون. ۽ ڪٿي عورت کي تعليم ڏيڻ جو رواج نه ھجڻ سبب پڻ عورتون تعليم کان محروم رھيون آھن. انھي سبب ھن جديد دور ۾ اھي سمجھن ٿيون ته تعليم کان بغير انسان ڄڻ اڻپورو آھي. ۽ انهيءَ پڇتاءَ سبب ڳوٺاڻي عورت تعليم کي ترجيع ڏيندي پريشاني جو شڪار آھي. ھن وقت به ڪيترا اسڪول زبون آھن. ڪيترن اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ آھي انهيَ ڪري ڪيتريون ڇوڪريون معياري تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم آھن. ۽ غربت سبب اھي پنهنجن ٻارن کي شھرن جي اسڪولن تائين پھچائي نٿا سگھن. عورتن جو چوڻ آھي ته تعليم جي کوٽ سبب صنفي تشدد عام آھي شعور نه ھجڻ جي ڪري جسماني تشدد ذھني تشدد جنسي تشدد ننڍي عمر ۾ شاديون سماجي ۽ اقتصادي تشدد جھڙا واقعا ٿين ٿا جڏهن ته سماجي تنظيمون مختلف وقت تي جاگرتا مھم ھلائيندي نظر اچن ٿيون. ھن وقت سماجي ادارو انڊس ارٿ ٽرسٽ، پاڪستان پاورٽي اليويشن فند پي پي اي ايف ٻھراڙي جي عورت لاءِ جاگرتا مھم ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. جڏهن منهنجي ملاقات انڊس ارٿ ٽرسٽ، پاڪستان پاورٽي اليويشن فند پي پي اي ايف جي عملي سان گڏوگڏ اداري طرفان ڳوٺن جي سي آر پيز ۽ اداري طرفان ڳوٺن ۾ جيڪا تنظيم سازي ڪئي وئي آھي انهيءَ تنظيمن جي عورت اڳواڻن سان ٿي انهن جي اڻ ٿڪ محنت نظر اچي ٿي ڇاڪاڻ ته انڊس ارٿ ٽرسٽ، پاڪستان پاورٽي اليويشن فند پي پي اي ايف ادارو ٻھراڙي جي عورت کي مظبوط ڪرڻ لاءِ ۽ سجاڳ ڪرڻ لاءِ تنظيمي صورت ۾ گڏ ڪري عورتن جون تربيتي ڪلاس ھلائڻ سان گڏوگڏ آگاھي مھم ھلائيندي نظر اچي ٿو. ۽ سماج ۾ عورت جي ڪم ۽ ڪردار بابت ڳالهه ٻولھ ڪندي نظر آيو انهيءَ عمل سان عورتون توڙي ڇوڪريون تنظيم جي صورت ۾ گڏجاڻيون ڪري عورتن جي حقن بابت ڳالهه ٻولھ ڪن ٿيون ۽ فيصلا سازي ڪن ٿيون ۽ ڳوٺاڻي سطح تي منصوبابندي ڪن ٿيون اھو عمل ساراھ جوڳو آھي انھي سان ٻھراڙي جي عورت خودمختيار ٿيندي ۽ اڳتي وڌندي. سنڌي سماج جي عورت جو قدر جيڪڏھن توھان کي معلوم ڪرڻو آھي ته پوءِ لطيف سائينءَ سان رجوع ڪرڻو پوندو. شاھ صاحب چوي ٿو:
واجھائي وطن کي ساري ڏيان ساھ!
بت منهنجو بند ۾، قيد ۾ ڪريجاھ!
پرڏيھياڻي پرينءَ ري، ڌار م ڌريجاھ!
ٿڌي وسائيج ٿر جي، مٽي مون مٿانھن
جي پويون ٿـئي پساھ، ته نجان مڙھ ملير ڏي!
اھڙي طرح عورت وفا جي علامت، وطن سان محبت جي پيڪر ۽ ھڪ اھڙي جدوجهد جي علامت آ، جنھن سان ڪير به مقابلو ڪري نٿو سگهي. وقت اچي ويو آھي ته سنڌ جي عورت کي وڌيڪ سگھارو ۽ مضبوط ڪجي. سياسي سماجي طرح ۽ معاشي طور پڻ، ته جيئن اھا پنھنجي پيرن تي بيھي سگھي. ۽ ھر مشڪل صورتحال جو مقابلو ڪري سگھي!