ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪار اميتاب بچن، پنهنجي پٽ اڀيشيڪ بچن تي ٿيندڙ تنقيد تي ردعمل ڏنو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ وڊيو شيئر ڪئي وئي، جنهن ۾ اڀيشيڪ بچن جي فلمن ۽ ڪردارن تي ويچاريو ويو.
وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو ويو ته ” اڀيشيڪ، متاثر ڪندڙ فلمن ۽ ڪردارن بعد به غير منصفاڻي تنقيد جو شڪار رهيو، ان باوجود پر سندس ڪامياب فلمن جو انگ وڌيڪ آهي.“
اميتاڀ بچن سندس ٽوئيٽ تي ردعمل ڏيندي لکيو ته ”مان به ائين ئي محسوس ڪريان ٿو ۽ اهو رڳو انڪري جو مان سندس پيءُ آهيان، هو منهنجي پٽ هئڻ جي سزا ڀوڳي رهيو آهي.“
اڀيشيڪ بچن 2000ع ۾ فلم ”ريفيوجي“ ذريعي بالي ووڊ ۾ قدم رکيو. سندس ڪامياب فلمن ۾ ڌوم، يووا، گرو، پليئرز، ڪڀي الودع نه ڪهنا وغيره شامل آهن.
You might also like