جبري گمشدگين خلاف آواز بلند ڪندڙ ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ نوبيل امن انعام لاءِ نامزد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سال 2025 جي نوبيل امن انعام لاءِ 338 نامزدگيون جمع ڪرايون ويون آهن، جن ۾ ڪجهه اهم نالا به شامل ٿي سگهن ٿا، ان حوالي سان پاڪستان ۾ به هڪ نالو گردش ڪري رهيو آهي.
ان ڏس ۾ بلوچستان سان واسطو رکندڙ سماجي ڪارڪن ماهه رنگ بلوچ دعويٰ ڪئي آهي ته هن کي نوبيل امن انعام لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته نارويجن نوبيل ڪميٽي عام طور تي نامزدگين جا نالا ظاهر نه ڪندي آهي ۽ نه ئي ڪنهن فرد جي دعويٰ جي تصديق يا ترديد ڪندي آهي.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي ماهه رنگ بلوچ جو چوڻ هو ته نامزد ڪندڙ کيس اطلاع ڏنو ۽ جنوري ۾ ان کان اڳ ئي سندس اجازت ورتي وئي.
هن ٻڌايو ته نوبيل ڪميٽي جي پاليسي موجب نامزدگين جي فهرست 50 سال تائين سامهون ناهي ايندي، پر نامزد ڪندڙ شخص اِها ڄاڻ ظاهر ڪري سگهي ٿو.
ياد رهي ته پاڪستان ۾ ان کان اڳ رڳو ٻن شخصيتن نوبيل انعام ماڻيو آهي جن ۾ 1979ع ۾ ڊاڪٽر عبدالسلام فزڪس ۾ ۽ 2014ع ۾ ملاله يوسفزئي امن انعام حاصل ڪيو هو.
ماهه رنگ بلوچ انساني حقن جي ڪارڪردگي سبب اڳ ئي مختلف عالمي تنظيمن جي فهرستن ۾ شامل رهي آهي ۽ 2024ع ۾ بي بي سي جي 100 بااثر عورتن جي فهرست ۾ به سندس نالو شامل ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.