لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر راب ڪي، پنهنجي رانديگرن جي پريس ڪانفرنس دوران ڏنل بيانن کي فضول ۽ بيڪار قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ بيان راب ڪي چيو ته انگلش رانديگر پنهنجي ڪم بابت سنجيده آهن، پر کين فضول ڳالهين کان پاسو ڪرڻ گهرجي، هو پنهنجي بيانن ۾ بيڪار ڳالهيون ڪن ٿا.
هن چيو ته رانديگر جنهن نموني شين کي سمجهن ٿا مون کي ڪو مسئلو نايه، پر ميچ کانپوءِ واري پريس ڪانفرنس ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون، ان تي مان ڪنهن کي ماري ته نٿو سگهان.
هن وڌيڪ چيو ته رانديگر ڏاڍي ڪوشش ڪندا آهن ته ڊريسنگ روم ۾ ڪنهن کي مايوس نه ڪن.
ان کانسواءِ، راب ڪي انگلينڊ جي ٽيسٽ جي ڪپتان بين اسٽوڪس کي بهترين ڪپتان به قرار ڏنو.