ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سخي حسن علائقي ۾ پوليس کان بچڻ لاءِ ھڪ ڦورو تار تي لڙڪي جان بچائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي.
موٽرسائيڪل سوار کان موبائل ڦر ڪرڻ کانپوءِ ڦوري گهڻي تائين بجليءَ جي تار تي ٽنگيل رهيو، پر پوليس نيٺ کيس گرفتار ڪري ورتو.
وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ڦورو تار تي لڙڪيل آهي، جڏهن ته ھيٺ پوليس اهلڪار چادر کڻي تيار بيٺا آهن ته جيئن ڦورو کي محفوظ طريقي سان پڪڙي سگهجي.
ڪافي دير تائين تار تي لڙڪڻ کانپوءِ نيٺ ڦورو پاڻ کي هيٺ ڇڏي ڏنو، جتي پوليس اهلڪارن کيس فوري طور پڪڙي ورتو.
You might also like