اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عافيه صديقي جي صحتيابي ۽ ڏيهه واپسي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران، تازو پاڪستان طرفان داعش ڪمانڊر شريف الله کي آمريڪا حوالي ڪرڻ جو به ذڪر ٿيو.
عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل پيش ٿيو، جڏهن ته درخواستگذار ڊاڪٽر فوزيه صديقي ۽ آمريڪي وڪيل وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيا.
جسٽس سردار اعجاز اسحاق خان ايڊيشنل اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان چئو ٿا ته آمريڪا سان قيدين جي ڏي وٺ بابت ڪو معاهدو ناهي، پوءِ ڪيئن بنا ڪنهن معاهدي جي شريف الله کي آمريڪا حوالي ڪيو ويو؟ ڊاڪٽر شڪيل آفريدي کي آمريڪا حوالگي بابت اوهان کي ان ڪئمرا آگاهه ڪرڻ جو موقعو به ڏنو ويو.
عدالت رمارڪس ڏنا ته حڪومت کي جواب ڏيڻ لاءِ چيو ويو، پر تسلي بخش وضاحت نه ملي، هاڻي حڪومت چاهي ٿي ته عافيه صديقي بابت درخواست اڪلائي وڃي، ايڊيشنل اٽارني جنرل، توهان اِهو چئي رهيا آهيو ته اسان ڪيس مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا.
جسٽس سردار اعجاز وڌيڪ چيو ته وزيراعظم کي خط لکڻو هو لکي ڇڏيو، وڪيلن لاءِ ويزا جي ضرورت هئي، ملي وئي، پر هاڻي حڪومت چئي ٿي ته ڪيس ختم ڪيو وڃي، ڇا هي مسئلي جو حل آهي؟
وفاقي حڪومت عافيه صديقي جي آزادي بابت درخواست فوري طور اڪلائڻ لاءِ متفرق درخواست داخل ڪئي، جنهن تي عدالت نوٽيس جاري ڪندي درخواستگذار کان جواب طلب ڪيو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 14 مارچ تائين ملتوي ڪئي.
ياد رهي ته پاڪستان تازو ئي پاڪ-افغان سرحدي علائقي مان گرفتار داعش ڪمانڊر شريف الله کي آمريڪا حوالي ڪيو آهي، جنهن تي 2021 ۾ ڪابل ۾ ٿيل ايبي گيٽ ڌماڪي جي منصوبابندي جو الزام آهي، جنهن ۾ 13 آمريڪي فوجي ۽ 170 کان وڌيڪ افغان شهري مارجي ويا هئا .
عافيه صديقي ڪيس: ” قيدين جي ڏي وٺ جو معاهدو ناهي ته حڪومت شريف الله کي آمريڪا حوالي ڇو ڪيو؟ جسٽس اعجاز جو پڇاڻو
You might also like