لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ڊيزل تي هلندڙ بسن کي اليڪٽرڪ بسن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پاليسي جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
جسٽس شاهد ڪريم ماحولياتي گدلاڻ کان بچاءُ بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جتي لاڳاپيل عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا.
ٻڌڻي دوران عدالت هدايت ڪئي ته ڊيزل بسن کي اليڪٽرڪ بسن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ مرحليوار پاليسي جوڙي وڃي.
جسٽس شاهد ڪريم رمارڪس ڏيندي چيو تهاليڪٽرڪ بسن ڏانهن وڃڻ انتهائي ضروري آهي، ڀلي ان ۾ 2 يا 3 سال لڳن.
ان کانسواءِ، لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب ٽرانسپورٽ کاتي کي رڪشا ٺاهيندڙن لاءِ به پاليسي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو. جسٽس شاهد ڪريم چيو ته صوبائي ٽرانسپورٽ کاتو رڪشن بابت پاليسي جوڙي ته جيئن انهن کي اليڪٽرڪ رڪشن ۾ تبديل ڪري سگهجي، جيڪو ڀارت ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪاميابي سان ٿي چڪو آهي.
عدالت وڌيڪ چيو ته ٽريفڪ جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي، اسڪول ويندي ۽ موڪل جي وقت لاءِ به ٽريفڪ پلان جوڙڻ ضروري آهي.
عدالت راءِ ڏني ته وڏن اسڪولن لاءِ پارڪنگ ايريا لازمي قرار ڏني وڃي ۽ ماڻهن کي حڪومت سان سهڪار ڪندي صفائي ۽ سهولتن جو خاص خيال رکڻ گهرجي.
You might also like