واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تصديق ڪئي آهي ته هن حماس سان يرغمالين جي آزادي بابت ڳالهيون ڪيون آهن ۽ حماس کي غزه ۾ قيد سڀني يرغمالين کي آزاد ڪرڻو پوندو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته آمريڪا ۾ غير قانوني پناهگيرن جي داخلا کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ 2 اپريل آمريڪي تاريخ جو هڪ اهم ڏينهن هوندو.
حماس بابت ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته هن يرغمالين جي آزاديءَ لاءِ حماس سان رابطو ڪيو آهي، تنهنڪري حماس کي سڀني يرغمالين کي آزاد ڪرڻو پوندو.
روس ۽ يوڪرين جي جنگ بابت ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته يوڪرين جي مدد لاءِ اربين ڊالر ڏنا ويا آهن، انڪري هو چاهي ٿو ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ بنديءَ جو معاهدو جلد ٿي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب، روس ۽ يوڪرين سان گڏ آمريڪي سفارتڪاري جو مرڪز بڻجي ويو آهي، سعودي عرب ۽ روس سان واپاري معاهدو ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪي ملڪ پنهنجي فوج تي مناسب خرچ نٿا ڪن سي دفاع جا مستحق ناهن.
ياد رهي ته ان کان اڳ به ڊونلڊ ٽرمپ حماس کي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن حماس غزه ۾ قيد سڀني يرغمالين کي آزاد نه ڪيو ته ان کي ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي.
Next Post
You might also like