اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت آءِ ايم ايف جي دوري تي آيل وفد سان هڪ منصوبو شيئر ڪيو آهي، جنهن تحت نيٽ ميٽرنگ جي ٽيرف کي معقول بڻائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ته جيئن گهرن جي ڇتين تي لڳل شمسي توانائي جي نظام مان پيدا ٿيندڙ واڌو بجلي کي گهٽ اگهه تي خريد ڪري سگهجي.
تجويز موجب، شمسي توانائي ذريعي پيدا ٿيندڙ يونٽن کي گهٽ اگهه تي خريد ڪيو ويندو.
هن وقت حڪومت اها واڌو بجلي 27 رپيا في يونٽ جي حساب سان وٺي رهي آهي، جنهن کي گھٽائي اٽڪل 10 رپيا في يونٽ تي آڻڻ جي تجويز آهي.
آءِ ايم ايف طرفان هڪ سوال اٿاريو ويو آهي ته حڪومت انهن واهپيدارن جي معاملي کي ڪيئن حل ڪندي، جن پنهنجن گهرن جي ڇتين تي سولر پينل لڳايا آهن، پر گرڊ سان ڳنڍجڻ بدران آف گرڊ رهڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن.
حڪومت طرفان ان تي ڪا به حتمي خاطري نه ڪرائي وئي آهي، پر آءِ ايم ايف سخت خدشا ظاهر ڪيا آهن، ڇو ته رپورٽن موجب ملڪ ۾ شمسي توانائي جي انسٽاليشن جي رفتار تيزيءَ سان وڌي رهي آهي ۽ ايندڙ مهينن ۽ سالن ۾ هي رجحان وڌيڪ تيز ٿي سگهي ٿو، جيڪو بجلي جي شعبي لاءِ نوان چئلينج پيدا ڪري سگهي ٿو.
حڪومت آءِ ايم ايف کي آگاهه ڪيو آهي ته بجلي جي اگهن کي به معقول بڻائڻ جي ضرورت آهي.
ملڪ ۾ 104 پاور پلانٽس موجود آهن، جن مان 18 حڪومت جي ملڪيت آهن، جڏهن ته 86 آزاد بجلي پيدا ڪندڙ ادارا (آءِ پي پيز) آهن.
هنيئر تائين حڪومت 5 غير اثرائتا پاور پلانٽ بند ڪري ڇڏيا آهن، 14 آءِ پي پيز سان بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جو معاهدو طئي ڪيو ويو آهي.
حڪومت باقي رهيل آءِ پي پيز سان به نوان معاهدا ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي.
ان سان گڏوگڏ، هڪ نئين تجويز تي به مشاورت ٿي رهي آهي، جنهن تحت مالي گنجائش جو فائدو ورتو ويندو، جيڪو قرضن جي ادائگيءَ جي دٻاءَ ۾ 1.3 کرب رپيا جي گهٽتائي سبب پيدا ٿيو آهي.
گردشي قرض جو مقدار 2.42 کرب رپيا تائين پهچي چڪو آهي، جيتوڻيڪ ان جي واڌ جي رفتار ڪجهه گهٽ ٿي آهي، پر اهو بجلي جي شعبي جي استحڪام لاءِ وڏو چئلينج بڻيل آهي.